|
ٽنڊو آدم ويجهو مينهن جي چوري جي چٽي ۾ ڏنل ٻن معصوم نينگرين جا نڪاح ختم ڪيا ويا ٽنڊو آدم(ن ع) ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ پيرل ماڪوڙائي ۾ پاڏين جي چوري ٿيڻ جي چٽي ۾ معصوم ڀينرن 4 ورهين جي بختاور ۽ 8 ورهين جي زينب جي زوري نڪاح ڪرڻ واري مامري تي آچر ماڪوڙائي جي اوطاق تي راڄوڻي جو فيصلو ٿيو آهي. جنهن ۾ ٻنهي ڀينرن 4 ورهين جي بختاور جنهن جو نڪاح 16 ورهين جي شاهو سان ۽ 8 ورهين جي زينب جنهن جو نڪاح 50 سالن جي پيرسن انور ماڪوڙائي سان ٿيل هو. انهن جا نڪاح ختم ڪيا ويا آهن ۽ اهو طئه ڪيو ويو آهي ته ٻئي ڌريون پوليس وٽ بيان رڪارڊ ڪرائي ڪيس ختم ڪرائينديون. پوليس جي خرچ مان 5 هزار نينگرين جا مائٽ ۽ ٻيو خرچ ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار ڪندا، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي تعلقه ٿاڻي تي داخل ڪيس جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته ان باري ۾ مون کي ڪا به ڄاڻ ناهي، واضح رهي ته ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ پيرل ماڪوڙائي ۾ ٽن معصوم نينگرين بختاور، زينب ۽ رفت جا نڪاح وڏي عمرين جي مردن سان ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 2 ڀينرون بختاور ۽ زينب پاڏين جي چوري جي چٽيءَ ۾ ڏنيون ويون، جنهن جون ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ٽنڊو آدم تعلقه ٿاڻي تي 2 ڪيس داخل ٿيا، جن ۾ زينب سان نڪاح ڪندڙ انور، رفت سان نڪاح ڪندڙ شفيع محمد ۽ سندس ڀاءُ خان محمد ماڪوڙائي گرفتار آهن، جڏهن ته ٻنهي ڪيسن ۾ ڄاڻايل 9 جوابدار اڃا گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. |