|
ميرپورخاص ۾ پسند جي پرڻي بعد گم ڪيل ناري ۽ نوجوان جو پتو نه پيو،مظاهرو ميرپورخاص(ڊ ر) ميرپورخاص ۾ پسند جي پرڻي بعد بااثر وڏيري جادو مري ۽ ٻين وٽ سام طور رکيل ناري ياسمين ۽ کانئس ار ڪري گم ڪيل نوجوان اعجاز احمد جو پتو پئنجي نه سگهيو، جڏهن ته نوجوان اعجاز احمد جي وارث عورتن ۽ مردن نوجوان جي بازيابي لاءِ مظاهرو ڪيو، هن چيو ته نوجوان اعجاز احمد کي بااثر قتل ڪرائي ڇڏيندا، هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اعجاز احمد ۽ ياسمين کي آزاد ڪرائي تحفظ ڏنو وڃي، ٻئي طرف جادو مري جو چوڻ آهي ته مون وٽ ڪا به ناري سام طور نه رکيل آهي ۽ نه ئي ڪا خبر آهي. |