ٻوڏ سبب ملڪ کي 45 ارب روپين جو نقصان ٿيو ۽ 36 لک ايڪڙ زمين ٻڏي: خورشيد شاهه


سکر: وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ٻوڏ سبب ملڪ کي 45 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي ۽ 36 لک ايڪڙ آباد زمين ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آئي آهي جڏهن ته امداد صرف 2 ارب ڊالر ملي آهي هن چيو ته سکر ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرين تي روزانو 70 لک روپيا خرچ اچي ٿو صرف ماني تي 40 لک خرچ ڪيون پيا. هن چيو ته ٻوڏ ستايلن لاءِ پچندڙ ماني ۾ ڪرپشن وارا اطلاع ملڻ تي ڇاپا هنيا آهن 7 ڪلو گوشت جي جاءِ تي ساڍا 5 ڪلو وجهندڙ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ڊي سي او سکر انعام الله ڌاريجو جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي پئي وڃي. هن وقت سکر ضلعي ۾ 2 کان اڍائي لک ٻوڏ متاثرين پهتل آهن سکر جي ڪچي ۾ فصلن ۽ گهرن جو جيترو به نقصان ٿيو آهي ان جو جائزو وٺي رهيا آهيون گيسٽرو تي ڪنٽرول ڪرڻ ضلعي صحت کاتي ۽ ٻين اين جي اوز جو ميڊيڪل ٽيمون ڪوششون ڪري رهيون آهن.