|
خيرپور سينٽرل جيل ۾ قيدين جو احتجاج، ڇتين تي چڙهي ويا خيرپور(ڊ ر) اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات دير سان سينٽرل جيل خيرپور ۾ انتشار پکيڙڻ جي الزامن هيٺ ڪچن قيدين محمد صديق عرف نانگ ڪليري ۽ دوست محمد عرف دودو سهتو کي کي ڪراچي جيل منتقل ڪيو ويو. جيل انتظاميه جي اهڙي عمل خلاف اربع ڏينهن قيدين پاران احتجاج ڪندي عدالتن ۾ حاضرين تي وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چڪر ۾ موجود چئن پوليس اهلڪارن کي يرعمال بڻائي بيرڪ ۾ بند ڪري ڇڏيو بعد ۾ قيدين بيرڪن جي ڇتين تي چڙهي ڪپڙن کي باهيون ڏيئي احتجاج ڪيو. ڪافي دير بعد قيدين ۽ جيل انتظاميه جي ڳالهين بعد يرغمال بڻايل پوليس اهلڪارن کي قيدين جي چنبي مان آزاد ڪرايو ويو ۽ قيدين پاران احتجاج ختم ڪيو ويو. |