|
خانپور پوليس ڦر دوران مقابلي ۾ 2 مبينا ڦورو ماري ڇڏيا،2 اسڪوٽر ۽ هٿيار به هٿ خانپور(ن ع) خانپور ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي تي پوليس ٽرڪ مان ڦر ڪوشش دوران مقابلي ۾ مبينا 2 ڦورو مارڻ جي دعويٰ ڪندي مارجي ويل ڦورن وٽان 2 ڪلاشنڪوفون ۽ 2 موٽر سائيڪلون هٿ ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته پوليس مارجي ويلن جا لاش رات دير سان پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال خانپور کڻائي آئي، جتي سندن سڃاڻپ شاهه بخش پٽ راهب لهر، جڏهن ته ٻئي جي الهه بخش پٽ عمر جتوئي ويٺل مزار جو ڪچو تعلقه لکي جي نالن سان ڪئي وئي آهي، مارجي ويلن جا لاش جڏهن پوليس خانپور اسپتال کڻائي آئي ته ڊي پي او شڪارپور محمد يونس چانڊيو ۽ ٻيا عملدار اسپتال پهتا، اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊي پي او يونس چانڊيو دعويٰ ڪئي ته انڊس هاءِ وي تي فيضو لاڙو ڀرسان هٿياربندن ڪنڌڪوٽ کان شڪارپور طرف ويندڙ گاڏين جي ڊرائيورن کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان دوران ايس ايڇ او خانپور رحيم بخش جعفري جي اڳواڻي ۾ گشتي پوليس پهچي وئي ته هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪئي، پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي. 3 ڪلاڪ مسلسل مقابلي بعد 2 هٿياربند ڦورو شاهه بخش لهر ۽ الله بخش جتوئي مارجي ويا آهن. هن ٻڌايو ته مقابلي ۾ مارجي ويل ٻئي ڏوهاري پوليس کي ڌاڙن، ڦرن، پوليس مقابلن سميت ٻين ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هئا ۽ مٿن رستم، چڪ، لکي، خانپور، ناپر ڪوٽ ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن. هن مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس پارٽي لاءِ 5 لک ۽ پروموشن جو اعلان ڪيو، جڏهن ته مارجي ويلن جو ڪيس خانپور ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي. |