|
دادو ۾ 5 ورهين جي معصوم ٻارڙي سان ڏاڍائي جي ڪوشش، 2 جوابدار گرفتار دادو(رپورٽ: نعيم ناريجو) دادو سول اسپتال ڀرسان ٻن وحشي جوابدارن سول اسپتال جي ملازم شاهه رخ ۽ هڪ نامعلوم جوابدار 5 ورهين جي معصوم ٻارڙي ريشمان چانڊيو کي وٺي وڃي ڪمري ۾ بند ڪري هٿ پير ٻڌي کيس زوري زنا جي ڪوشش ڪئي ته نينگري جي رڙين تي ماڻهن پهچي معصوم ٻارڙي کي بچائي ورتو، جنهن بعد پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته متاثر ٻارڙي جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو، جنهن ۾ زنا ثابت ٿي نه سگهيو، جڏهن ته سول اسپتال انتظاميه جوابدار ملازم کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن واقعي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. |