|
|||
|
سنڌ ۾ امن امان جي بدترين صورتحال ڪيئن سڌاري سگهجي ٿي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪيتري بد کان بدتر ٿي وئي آهي، ان جو اندازو ڪالهه عبرت ۾ ڇپيل اُهي انگ اکر آهن جيڪي پوليس ذريعن کان تصديق ٿيل آهن، انهن مطابق سنڌ جي 9 ضلعن ۾ ٻن سالن اندر 38 هزار 8 سئو 54 ڏوهن جا واقعا پيش آيا جن ۾ قتل، اغوا، لڄالٽ، ڪاروڪاري، ڦر ۽ ڌاڙن سميت هر قسم جا ڏوهه شامل آهن. سنڌ ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي اسان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري چڪا آهيون، ۽ ان حقيقت جي نشاندهي ڪندا رهيا آهيون ته خاص طور تي جمهوري حڪومت جي قيام کانپوءِ امن امان جي صورتحال سنڌ ۾ تيزيءَ سان بگڙي رهي آهي. سکر ۽ لاڙڪاڻي زون ۾ ڏوهن جا اهي واقعا چوٽ چڙهيل رهيا آهن، ۽ انهن ٻن سالن اندر اهي ڏوهه هزارين جانيون ڳڙڪائي چڪا آهن. ان باوجود نه سنڌ حڪومت کي ان صورتحال کي ڏسڻ جي توفيق ٿي آهي، ۽ نه ئي پوليس انهن ڏوهن کي روڪي سگهي آهي. پوليس ڇا روڪيندي، جو اها ته انهن ڏوهن ۾ پاڻ جيڪڏهن سڌي طرح نه ته اڻ سڌي طرح ملوث رهي آهي، جنهن جو مثال شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڪندڙ پوليس آفيسرن جي اڃا تائين پوسٽنگ مان ملي ٿو. ٻن سالن اندر، جڏهن کان هيءَ حڪومت آئي آهي، فقط سنڌ اندر ٿيندڙ ڏوهاري ڪارروائين مان سندس ڪارڪردگي کي سمجهي سگهجي ٿو. عوام جي نظر ۾ هاڻي هيءَ جمهوريت به تيزيءَ سان فقط اشرافيه طبقي جي نمائنده ٿيندي پئي وڃي، هيٺ سماج ۾ تمام گهڻي بربريت موجود آهي، جنهن جو ڪاٿو اسانجي عوامي حڪمرانن کي تڏهن ٿيندو جڏهن هو اقتداري ايوان ڇڏي وري واپس عوام وٽ ايندا. شديد غربت، جهالت، سهولتن جي اڻاٺ، بيروزگاري ۽ بيوسيءَ جي ڪري ڏوهه وڌي رهيا آهن. هڪڙو اهو سبب آهي، ٻيو سبب اهو به آهي جو پيشيور ڏوهاري پوليس جي آڙ وٺي ڪارروائيون ڪري رهيا آهن يا اُهي ڏوهاري پوليس ۽ قانون جي گرفت کان آجا رهندا آيا آهن. جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ ان سڄي صورتحال پويان ڪهڙي حقيقت ڪارفرما آهي، ان متعلق عوام آگاهي چاهي ٿو. اسان اهو چوڻ تي مجبور ٿيا آهيون ته موجوده حڪمران جماعت عوام سان ٻه سال اڳ اٽي، لٽي ۽ اجهي جو واعدو ڪيو هو، اُهو ته کين نه ڏنو ويو جو مهانگي اٽي ۽ کنڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهيون قطارون اسان ڏسي سگهون ٿا، پر گهٽ ۾ گهٽ عوام کي پنهنجي جهڙي تهڙي حال آهر امن سان جيئڻ جو حق ته ڏئي؟ خاص طور اُتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن، سياسي ڀوتارن، بيورڪريسي ۽ پيشيور ڏوهارين جو راڄ لڳو پيو آهي، اُتي ڇا مملڪت ۾ ڪنهن کي امن سان زندگي گذارڻ جو حق به نه آهي؟ هيءَ تمام گهڻي خطرناڪ صورتحال آهي، جيڪا يقينن عوام ۾ هن حڪومت جي ساک کي ڌڪ رسائي رهي آهي. حڪومتي نمائندن جون ڳالهيون ٻڌي صورتحال اطمينان جوڳي نظر اچي ٿي، پر جيڪو حال آهي سو ساريو پيو آهي. اها اطمينان جو سلو پوائزن آهي، جيڪو عوام کي ڏنو پيو وڃي پر ماڻهو هر ڏينهن جنهن عذاب مان گذري رهيا آهن ان جي تدارڪ لاءِ اسانکي سنجيده روش گهٽ نظر اچي رهي آهي. سال 2010ع جي پهرين ٻن مهينن اندر قتل جي وارداتن ۾ 23 سيڪڙو اضافي سان 475 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، 30 اغوا ٿي چڪا آهن ۽ 1055 ڌاڙا، 205 ڪارون ڦرجي چڪيون آهن. اسان سمجهون ٿا ته ڪا به حڪومت، ڀل پوءِ اها جمهوري ئي هجي، جيڪڏهن عوام جي جان ۽ مال کي به تحفظ نه ٿي ڏئي سگهي ان کي عوامي مفادن جي ابتڙ ڪم ڪندڙ طور سڃاتو وڃي ٿو. اها نازڪ صورتحال هاڻي جنم وٺي رهي آهي. سنڌ کي جمهوري ۽ سياسي سجاڳي جي سزا ڏني پئي وڃي، يا اها هڪ مخصوص حڪمران طبقي جي تاريخي لاغرضي، هٻڇ ۽ ذاتي مفادن جي پورائي جي حوس آهي، جنهن اسان جي ديس جي ماڻهن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن؟ سنڌ حڪومت کي هن مسئلي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ حڪومت کي فوري طور تي هڪ ٽاسڪ فورس جوڙڻ گهرجي جيڪو امن امان جي مسئلي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تيزيءَ سان ڪم ڪري. رڳو نعري بازي نه هجي، پر ٽاسڪ فورس پنهنجو ڪم مڪمل ديانتداري سان ڪري، ۽ مٿس سياسي دٻاءُ نه وڌيو وڃي. سنڌ جي امن امان جي مسئلي کي اولين ترجيح طور کنيو وڃي، ته امن امان جو مسئلو ڪجهه ئي مهينن اندر حل ٿي سگهي ٿو. |
|||