|
ٽارگيٽ ڪلنگ تي ضابطو ڪيئن ممڪن آهي؟ نصير گوپانگ ڪو دور هو جڏهن ڪلاچي مورڙي جي ماڳ طور سڃاتو ويندو هو پر پوءِ وقت اهڙو ته پاسو پلٽيو جو مورڙي جي ماڳ واري هيءَ سڃاڻپ ڄڻ ته ڪلاچي جي ڪُن ۾ هميشه هميشه غرق ٿي وئي ۽ ڪلاچي ڪراچي بڻجي ويئي، جنهن کي نئين ٺهندڙ ملڪ جي گادي وارو شهر بڻايو ويو. ڪراچيءَ جي اها ملڪ جي گاديءَ واري شهر واري سڃاڻپ جٽادار ثابت نه ٿي سگهي ۽ ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ مفاد پرست ۽ سازشي ٽولن مرگلا جي پهاڙين جي هنج ۾ هڪ مصنوعي شهر جو بنياد رکي ان کي ملڪ جي گاديءَ واري شهر جو درجو ڏنو ۽ ڪراچيءَ کان ملڪ جي گاديءَ واري شهر جو درجو کسيو ويو، جنهن کان پوءِ ان کي سنڌ جي گادي قرار ڏنو ويو. سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته:”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي“ هن شهر سان به بلڪل ساڳي ويڌن ٿي، ڌرتي ڌڻين هن شهر جي ڪا به وارثي نه ڪئي ۽ ان شاندار ڪاروباري شهر کي بلڪل لاوارث حالت ۾ ڇڏي ڏنو. جنهن کان پوءِ ان شهر کي فتح ڪرڻ لاءِ هر پاسي کان ڌارين لٽيرن جا قافلا ڪاهي پيا ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ ڌرتي جو هي شاندار شهر دنيا منجهه ڌارين جي آبادي جي سڀ کان وڏي ۽ محفوظ آماجگاهه بڻجي ويو. ڌارين جي مسلسل ڪاهه سبب ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ پهريون ۽ دنيا جو 13 هون نمبر وڏو شهر بڻجي ويو ۽ هاڻ هن جي سڃاڻپ سڀ کان وڌيڪ آباديءَ واري شهر طور ٿيڻ لڳي. آبادي جي مسلسل دٻاءَ سبب هتي ڪيترن ئي مافيائن جنم ورتو، جن ۾ هٿيارن ۽ دهشت جي زور تي سياست ڪندڙ مافيا، فرقيواريت، انتها پسندي، لينڊ مافيا توڙي منشيات ۽ هٿيار مافيا شامل آهن. وقت گذرڻ سان گڏ انهن مافيائن وچ ۾ مفادن جي جنگ شروع ٿي، جنهن هن وقت سڄي شهر کي وڻ ويڙهي جيان پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ هن شهر کي مورڙي جي ماڳ يا روشنين واري شهر طور نه پر”خون ۽ باهه“ جي شهر طور سڃاتو وڃي ٿو، هاڻ هن شهر جي روڊ رستن توڙي ندين ۽ نالين ۾ پاڻي بدران انساني رت وهڻ ڄڻ ته روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. موجوده حڪومت جي قيام کان وٺي هن شهر منجهه ٽارگيٽ ڪلنگ جي نالي تي انساني آباديءَ ۾ اهڙو ته لابارو وڌو ويو آهي جيڪو هزارين ڪنڌ لاهڻ باوجود ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. ماضيءَ ۾ هميشه اهو ڏٺو ويو آهي ته حڪومت کي پسند نه ڪندڙ قوتون ۽ مخالف ڌر حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ يا ان جي مڪمل تڏا ويڙهه ڪرڻ لاءِ وڳوڙ ڪرائينديون آهن پر هن وقت ڪراچيءَ ۾ رت جي هولي ان وقت کيڏي پئي وڃي جڏهن سموريون ڌريون اقتدار ۾ ويٺيون آهن ۽ کين هر شيءِ ۾ پنهنجي حصي کان وڌيڪ حصو پتي پهچايو پيو وڃي ۽ پ پ سرڪار اتحادين خلاف ڪو قدم کڻڻ ته پري رهيو پر انهن خلاف ڪو بيان ڏيڻ کان به ايترو ڊڄندي آهي. ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا جو مسئلو هجي يا ڪراچي ۽ حيدرآباد کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ، مشرف دور ۾ واٽر بورڊ ۽ ٻين مختلف کاتن ۾ ڀرتي ڪيل ملازمن کي هٽائڻ جو مسئلو هجي يا سنڌ جي روينيو رڪارڊ ۽ ڪي پي ٽي جي بلڊنگ کي لڳل باهه وارو واقعو، 12 مئي وارو سانحو هجي يا 18 آڪٽوبر ۽ 9 اپريل وارن واقعن جي جاچ جو مسئلو، منور سهروردي ۽ عبدالله مراد سميت بي موت ماريل هزارين جيالن جي ڪيسن کي ٻيهر کولڻ وارو مسئلو انهن سمورن اشوز سميت ٻيا ڪيترائي اهڙا اشوز آهن جن بابت ڪو به قدم کڻڻ کان اڳ پ پ سرڪار سئو سئو ڀيرا سوچي ٿي ۽ جيڪڏهن جوش ۾ اچي هوش وڃائيندڙ پ پ جا وزير ۽ مشير سڳورا غلطيءَ وچان حيدرآباد کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ يا ان جي يوسيز ۾ ڦير ڦار ڪرڻ بابت ڪو نوٽيفڪيشن وغيره جاري ڪري ويهن ٿا يا ڪو بيان ڏين ٿا ته پوءِ سندن اتحادي مڇرجي پون ٿا جنهن سبب جيالا حڪمران نه صرف اهو نوٽيفڪيشن واپس وٺن ٿا پر وضاحتي بيانن سان گڏ سئو سئو ڀيرا توبهه تائب پڻ ٿين ٿا. جڏهن پ پ ۽ ان جي اتحادين وچ ۾ خوف جي بنياد تي ئي سهي پر ايترا گهرا تعلق هجن پوءِ اهڙي صورتحال ۾ ڪراچيءَ جو امن تباهه ڪري نيٺ حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش ڪير ڪري رهيو آهي اهو هڪ وڏو سوال آهي...! حڪمران اتحاد ۾ ايڪي ۽ ٻڌي وارين هزارين دعوائن باوجود ڪراچي شهر ۾ هر مهيني ڏيڍ کان پوءِ ٽارگيٽ ڪنگ جي نالي تي انسانيت جي ڪوس جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو، جنهن دوران هفتي ڏيڍ اندر 40 کان 50 گهمندڙ ڦرندڙ حياتين کي تابوتن جي زينت بڻايو وڃي ٿو ۽ پوءِ صدر ۽ وزيراعظم انهن واقعن جو معمول موجب نوٽيس وٺن ٿا جنهن کان پوءِ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ سنڌ پهچي ٿو ۽ گورنر هائوس يا وزيراعليٰ هائوس تي پ پ ۽ ان جي اتحادين جا اجلاس ٿين ٿا جنهن کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اهم اعلان ٿين ٿا ۽ پوءِ انسانيت واري ان ڪوس ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ ماٺار اچي وڃي ٿي پر ڪجهه ئي عرصو گذرڻ بعد اوچتو ئي اوچتو اهو سلسلو هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿي وڃي ٿو. ڪراچي ۾ تازي شروع ٿيل قتلام بابت 4 2 جولاءِ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ۽ سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پهرين جنوري کان جولاءِ 2010ع تائين ڪراچي ۾ 686 ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي. سندن موجب انهن مان 136 ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي قتل ڪيو ويو. اهي سنڌ سرڪار جا انگ اکر آهن، جڏهن ته انساني حقن واري تنظيم ايڇ آر سي پي جنوريءَ کان جون 2010ع تائين ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين واقعن ۾ ڪراچي اندر 971 ماڻهن جي مارجي وڃڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 260 ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي موت جي ننڊ سمهاريو ويو آهي. واضح رهي ته ايڇ آر سي پي جي اها رپورٽ جون تائين جي آهي. جڏهن ته پهرين جولاءِ کان هينئر تائين صرف هڪ مهيني اندر ڪراچيءَ ۾ 42 کان وڌيڪ ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو آهي جنهن کان پوءِ ايڇ آر سي پي پاران ماڻهن جي قتلام بابت جاري ڪيل انگ اکر وڌي 1003 تائين وڃي پهچن ٿا، جنهن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻجندڙ جو انگ 302 تائين وڃي پهچي ٿو...! بااختيار حڪمرانن جي حڪمرانيءَ ۾ پوليس، رينجرز ۽ ٻين حساس ادارن جي سرگرم هئڻ باوجود هڪڙي شهر ۾ صرف 7 مهينن اندر هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ انهن واقعن ۾ ملوث ڪنهن به هڪ جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچڻ ڪنهن الميي کان گهٽ ناهي. ڇا اها نااهلي جي انتها نه آهي ته هر سال پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ اربين رپين جي بجيٽ ۽ ٻيون مراعاتون رکڻ باوجود حڪومت انهن واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻڻ ته پري پر اڃا تائين انهن جي نشاندهي پڻ ناهي ڪري سگهي. ڪراچي شهر ۾ شروع ٿيندڙ رتوڇاڻ بابت هر ڀيري ايم ڪيو ايم وارا اي اين پي ۽ اي اين پي وارا ايم ڪيو ايم، جڏهن ته حقيقي وارا متحده ۽ متحده وارا حقيقي تي الزام مڙهيندا آهن پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به ڌر خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران ان سڄي عمل کان بلڪل پاسيرو رهندا آهن. جڏهن ته سنڌ سرڪار وري ڪنهن به ڌر جو نالو کڻڻ بدران هر ڀيري اهو ئي چوندي آهي ته واقعن ۾ ٽين ڌر ۽ ڳجها هٿ ملوث آهن. سرڪار جي اها ٻولي ان ڳالهه جو کليل اظهار هوندو آهي ته کيس خبر سموري آهي پر هو قاتلن ۾ هٿ وجهڻ بدران في الحال انهن تي پردو رکڻ جي موڊ ۾ آهي، جنهن جو مک ڪارڻ اقتدار بچائڻ ئي آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ سرڪار به صحيح ٿي ڪري ڇاڪاڻ ته هونئن به چوندا آهن ته”سر بچائڻ سنت آهي“ ۽ سنڌ سرڪار به پنهنجو سر بچائڻ چاهي ٿي، باقي جيڪڏهن ٻين جا سر لڻجن ٿا ته ان سان سندن ڇا وڃي..؟؟ 3 2 جولاءِ تي گلستان جوهر جي خوشبودار پرفيوم چوڪ تي متحده جي يونٽ آفيس تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سندن 2 ڪارڪن مارجي ويا، جڏهن ته ان کان صرف 2 ڏينهن اڳ ئي جوهر واري علائقي ۾ ٿيل چڪرين دوران اي اين پي جا 2 ڪارڪن مارجي ويا هئا. متحده جي ٻن ڪارڪنن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ متحده جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فاروق ستار پريس ڪانفرنس ڪندي اي اين پي تي ڪارڪنن جي قتل جو الزام هنيو. ڊاڪٽر فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس کان صرف هڪ ڪلاڪ پوءِ اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد پڻ هڪ دونهين دار پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ هن ڪراچيءَ ۾ جاري رتوڇاڻ جو ذميواري متحده کي قرار ڏنو. ٻئي ڌريون هڪٻئي تي الزامن جي بوڇاڙ ان وقت ڪري رهيون هيون جڏهن وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ پڻ ڪراچي ۾ ئي موجود هو. ٻئي ڌريون جڏهن هڪٻئي تي الزام تراشي ڪري خاموش ٿيون ۽ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ جو وارو آيو ته هن سي ايم هائوس تي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ ذوالفقار مرزا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر”ڀائي لوگ“ جو ترجمان هجڻ جو پورو حق ادا ڪيو ۽ فرمايو ته:”ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ايم ڪيو ايم يا اي اين پي ملوث ناهن.“ سندس چوڻ هو ته الطاف حسين جيڪو طالبان جو خدشو ظاهر ڪيو هو اهو درست ثابت ٿي رهيو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ طالبان ئي ڪارروايون ڪري رهيا آهن. خبر ناهي ڇو رحمان ملڪ جو اهو بيان ٻڌڻ کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ سنڌ جي اها پراڻي چوڻي ڇو تري آئي ته: ”ڪيڏانهن منهن مريم جو، ڪيڏانهن ٽنڊوالهيار.“ انهيءَ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران عوام جي هانءَ تي ٿڌو ڇنڊو هڻڻ لاءِ اعلان ڪيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ جاري ٽارگيٽ ڪلنگ جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميٽي جوڙي ويندي، جيڪا 0 3 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪراچيءَ کي هٿيارن کان مڪمل طور تي پاڪ ڪرڻ لاءِ پڻ هڪ الڳ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو. ٿي سگهي ٿو ته اهي اعلان ڪجهه ماڻهن لاءِ نوان هجن ۽ هو انهن اعلانن تي ڪجهه مطمئن به ٿيا هجن پر اهي اعلان گهٽ ۾ گهٽ عوام لاءِ نوان ناهن ۽ نه ئي عوام انهن اعلانن مان مطمئن آهي. جيڪڏهن وفاقي گهرو وزير يا سنڌ سرڪار جا نمائندا اهو سمجهن ٿا ته عوام جي يادداشت ڪمزور آهي ۽ ڪجهه مهينا پهرين ڪيل اعلانن کي هڪ ڀيرو ٻيهر نئين انداز ۾ ورجائي عوام کي مطمئن ڪيو ويندو ته اها سندن ڀل آهي. کين ياد ڏيارجي ته ساڳئي ٽارگيٽ ڪلنگ واري مامري تي هڪ سال پهريان يعني 5 1 جولاءِ 9 0 0 2 ع تي پڻ انهيءَ ساڳئي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪرڻ دوران سياسي ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ سبب مارجي وڃڻ وارن واقعن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. انهيءَ پريس ڪانفرنس دوران هن دهشتگردي جي واقعن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪرائيسز مئنيجمينٽ سيل جي ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو هو. وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ صاحب کي اهو پڻ ياد ڏيارجي ته عوام کي اوهان جا انهيءَ پريس ڪانفرنس دوران جذباتي انداز ۾ چيل اهي لفظ به ياد آهن ته”اگر آج ڪي بعد ٽارگيٽ ڪلنگ ڪا ايڪ ڀي واقعا هئا تو ديکهه لينا هم ڪيا ايڪشن ليتي هين“. رحمان ملڪ جي ان ڌمڪي آميز بيان کان هڪ ڏينهن پوءِ ڪراچيءَ ۾ 6 ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي قتل ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو هن وقت تائين پنهنجي آب تاب سان جاري آهي. ٽارگيٽ ڪلنگ وارن واقعن جي عدالتي جاچ کان پوءِ جيتري قدر ڪراچيءَ کي هٿيارن کان آجي ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪرڻ وارو اعلان آهي ته ان حوالي سان به اسان وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ۽ سنڌ سرڪار کي ياد ڏيارينداسين ته 2 مئي 9 0 0 2 ع تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محمد انور، انيس احمد ايڊووڪيٽ ۽ سليم شهزاد لنڊن مان ڪراچيءَ ۾ ٽيليفونڪ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي آءِ جي پوليس ۽ سي سي پي او کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو. پريس ڪانفرنس دوران هنن انهن ٻنهي پوليس آفيسرن تي ڪيترائي الزام پڻ هنيا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ اهو به چيو هو ته ڪراچيءَ جي سي سي پي او وسيم احمد وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽ ڪلنگ بابت بريفنگ ڏيندي شهر کي هٿيارن کان آجي ڪرڻ لاءِ گهر گهر تلاشي وٺڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن جي هو يعني (ايم ڪيو ايم) مخالفت ڪري ٿي. رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جو چوڻ هو ته کين خدشو آهي ته پوليس گهر گهر تلاشي جي بهاني شهرين کان لائسنس وارا هٿيار پڻ کسڻ چاهي ٿي، جنهن کي هو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. سندن اهو به چوڻ هو ته ڪراچي واسين کي پنهنجي دفاع جو پورو حق حاصل آهي ۽ ڪير به انهن کان سندن اهو حق کسي نه ٿو سگهي. هاڻي اوهان ئي ٻڌايو ته جڏهن ته اوهان جا اهم اتحادي شهر کي هٿيارن کان آجي ڪرڻ واري مهم جي مخالفت ڪندا هجن ته ان صورت ۾ اوهان اهو قدم ڪيئن کڻي سگهندا:؟ ان لاءِ سهڻي صلاح اها آهي ته قوم کي وڌيڪ بيوقوف بڻائڻ بند ڪري پنهنجي ناڪاميءَ جو اعتراف ڪري. اڄ هڪڙي پاسي دهشتگرديءَ جي ڳڙهه سمجهي ويندڙ سوات ۾ امن ميلا لڳي رهيا آهن ته وري ٻئي پاسي ڪراچيءَ ۾ رت ۽ باهه جي راند کيڏي پئي وڃي ۽ حڪومت ٽارگيٽ ڪلنگ تي ضابطو آڻڻ بدران روزانو عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ نوان اعلان ڪرڻ ۾ پوري آهي. سڀ ڪو اهو ڄاڻي ٿو ته ٽارگيٽ ڪلنگ تي ضابطو نه اچڻ جو سڀ کان مک ڪارڻ پوليس ۾ سياسي مداخلت ۽ اها ”مفاهمت “عرف اقتدار بچائڻ واري پاليسي ئي آهي نه ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ڏکڻ وزيرستان، سوات ۽ باجوڙ جي پهاڙن ۽ غارن منجهه گهڙي سيڪيورٽي فورسز دنيا جي تربيت يافته دهشتگردن جو خاتمو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿئي ۽ ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ڏوهارين جو خاتمو نه اچي سگهي! جيڪڏهن پ پ سرڪار ڪراچي مان دهشتگردن جو مڪمل خاتمو آڻي اتي امن قائم ڪرائڻ چاهي ٿي ته ان کي حڪومت وڃڻ وارو دل ۾ ويٺل خوف ختم ڪري ڪجهه ڏينهن لاءِ نام نهاد مفاهمت واري پاليسي تان کڻڻو پوندو ۽ کيس سيڪيورٽي ادارن کي سڄي شهر جو گند صاف ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي فري هينڊ ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن پ پ سرڪار ايئن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ نتيجو سڀني جي سامهون هوندو پر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ جنهن شيءِ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي اها آهي ول پاور ۽ ڇا پ پ سرڪار وٽ ايتري ول پاور آهي..؟ naseergopang@gmail.com |