|
Out look عدليه جي آزادي ۽ اسان جا خواب
جڏهن معاملا ميرٽ بجاءِ اثر رسوخ ۽ سفارش جي نظر سان ڏٺا ويندا ته انصاف جي اُميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ مترادف ٿيندو. ڳالهه ڀلي ڪيتري به ننڍي ڇو نه هـُـجي پر انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ بجاءِ سفارش کي سامهون رکي فيصلا ڪندڙ ڪڏهن به ايماندار ٿي نه ٿا سگهن. هر ماڻهو اُن ڳالهه جو پابند آهي ته اخلاقي ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪري، ذميوار ۽ انصاف جي ڪرسين تي ويٺل ماڻهن جو ته اهو ايمان هئڻ گهرجي ته کين صرف ۽ صرف قانون توڙي ميرٽ کي سامهون رکي فيصلا ڪرڻا آهن پر اسان جي پياري پاڪستان ۾ اها اهڙي آئيڊيل سوچ آهي، جنهن جو عملي ميدان ۾ ڌنڌلو عڪس به نظر نه ٿو اچي. اها تمام وڏي ٽرئجڊي به آهي ته ساڳي وقت ڪاميڊي به! پاڪستان جا اڪثر ادارا قانوني، اخلاقي ۽ اصولي حوالي سان تباهي جا شڪار آهن پر عدليه جهڙو اهم ادارو به سفارش ڪلچر ۽ ڪرپشن کان آجو ناهي، جيڪڏهن انصاف جي ڪرسين تي ويٺل انتهائي ذميوار جج صاحبان ميرٽ ۽ انصاف بجاءِ سماج جي انتهائي غليظ ۽ ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهن کي اثر رسوخ جي بنياد تي رعايت ڏيندا ته پوءِ انصاف ڪٿي ملندو!؟ اهڙا لاتعداد ڪيس سامهون آهن جن ۾ قاتل، ڌاڙيل، رهزن ۽ دهشتگرد ڪورٽن مان ڇٽي ويا آهن، ڪٿي ڪو ڏوهه ٿئي ٿو ته پوليس ته ڏوهارين کي پنهنجو ڀرپور ساٿ ڏئي پنهنجو فرض نڀائي ٿي پر ڪورٽن مان به پئسي ۽ سفارش جي زور تي ڏوهاري آرام سان ڇٽي ٿا وڃن، زميني صورتحال کي سامهون رکبو ته صرف پنج کان ڏهه سيڪڙو جج اهڙا نظر ايندا جيڪي سڀني معاملن کان مٿانهان ٿي صرف ۽ صرف انصاف ۽ اصول مطابق فيصلا ڪن ٿا نه ته اڪثريت ضمانت لاءِ ويل ڏوهارين جو ڏوهه يا رڪارڊ ڏسڻ بنا کين سفارش جي بنياد تي ضمانت ڏئي ڇڏي ٿي. انصاف نه ملڻ سان جتي اصول پسند، ايماندار ۽ ظلم جو شڪار ٿيل ماڻهن کي مايوسي ملي ٿي اُتي ادارن جو ڪردار به مشڪوڪ ٿي وڃي ٿو ۽ ادارن جي تباهي سموري سماج جي تباهي جو سبب بڻجي ٿي. اڄ اسين جن تباهين کي ڀوڳي رهيا آهيون اهي به اُن ڪري ئي آهن جو ادارا ۽ فرد پنهنجو ايمانداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ سفارش ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪا آهن. رهزنن کي قانون ۽ انصاف جي ڪا به پرواهه ڪانهي، چورين، ڌاڙن، اغوائن، ڦرن ۽ قتل وارن واقعن ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿي اچي، ظلم“ لاقانونيت ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، روزانو اهڙا سوين واقعا ٿين ٿا جن کي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. هر ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار آهي، صورتحال ايتري ته سنگين ٿي وئي آهي جو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ به پاڻ کي محفوظ تصور نه ٿو ڪري. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به پنهنجي هڪ بيان ۾ اها ڳالهه ڪئي هئي ته "دهشتگرد عدالتن مان ڇٽي وڃن ٿا....؟" واقعي اهڙا کوڙ واقعا سامهون آيا آهن جن ۾ دهشتگردي جي سنگين وارداتن ۾ ملوث ماڻهو ڪورٽن مان ڇٽي ويا آهن. منهنجو ايمان آهي ته عدالتون ڪرپشن ۽ سفارش کان آجيون هـُـجن ته ڏوهن ۾ گهٽتائي يقيني بڻجي سگهي ٿي. ڏوهاري ۽ رهزن ڪيترا به طاقتور ڇو نه هـُـجن پر قانون ۽ انصاف کان ڏاڍا ٿي نه ٿا سگهن، سموري گڙ ٻڙ ۽ انارڪي صرف اُن ڪري آهي جو ماڻهن مان قانون جو ڊپ نڪري ويو آهي، وڏي کان وڏي ڪيس ۾ ملوث ڪمينا به اهو چوندي ٻـُـڌا ويا آهن ته "قانون اسان جو ڇا بگاڙي وٺندو، پئسي ۽ سفارش سان قتل جا ڪيس به ختم ٿي وڃن ٿا، ڪهڙي ڏوهاري کي ڦاسي آئي آهي جو اسان کي ايندي؟" ڏوهه ڪرڻ کانپوءِ ڏوهاري سزا کان ڊڄڻ بجاءِ اهڙي ٻولي ڳالهائن ته اها قانون ۽ انصاف مهيا ڪرڻ وارن ادارن جي منهن تي چماٽ آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ۽ انصاف مهيا ڪرڻ وارن ادارن جو ڪردار ته اهڙو هئڻ گهرجي جو ڏوهارين جو ساهه مـُـٺ ۾ اچي وڃي پر ادارن جو سج لهي وڃڻ ڪري ڏوهاري ڏند ٽيڙي بي حيائي ۽ بي ڊپائيءَ سان گهمي رهيا آهن. ڪو ماڻهو ڪنهن جي سفارش تي ڪنهن ڏوهاري کي رعايت ڏئي يا ڏياري ڀلي اهو سمجهندو رهي ته هـُـن هڪ ماڻهوءَ تي ٿورو ڪيو پر حقيقت اها آهي ته ڏوهاري کي رعايت ڏئي هو پاڻ به ڏوهه ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. اهي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي پنهنجي ضمير کان پڇي ڏسن ته کين جواب ملي ويندو ته سچ ڇا آهي ۽ هو ڇا ڪري رهيا آهن. منصف جي ڪرسي تي ويهي ڏوهارين کي رعايت ڏيندڙ ڪنهن طرح به باضمير ٿي نه ٿا سگهن. ڪنهن به ملڪ يا سماج ۾ عدليه جو ڪردار ڪرنگهي جي هڏي وارو هـُـجي ٿو، جيڪڏهن عدليه جو ڪردار صحيح آهي ۽ اهي ماڻهن کي انصاف مهيا ڪرڻ وارو ڪم ايمانداري ۽ سچائيءَ سان ڪن ٿيون ته ڏکين حالتن ۾ به ملڪ، قومون توڙي سماج اڳتي وڌي سگهن ٿا، ترقي ۽ ارتقا جون منزلون ماڻي سگهن ٿا. عدليه جو ڪردار صحيح ناهي ته ڪنهن به چڱائي جي اُميد ڪرڻ بيوقوفي آهي. ڪرپشن اڏوهي جيان اسان جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون آهن، بظاهر اسين زنده ته نظر اچئون پيا پر اسان جا ذهن ۽ ضمير مري رهيا آهن، اسان ۾ ڪا به طاقت ناهي رهي ڇا لاءِ ته اسين سچ جي رستي تي هلڻ بجاءِ ڪوڙ سان سلهاڙيل آهيون. طاقت ايمانداري ۽ سچائي ۾ هوندي آهي ۽ ماڻهن جي اڪثريت ايمانداري ۽ سچائي کان پري ٿي چـُـڪي آهي، انهن لاءِ پنهنجا مفاد ئي سڀ ڪجهه آهن جنهن ڪري هو سفارشون به ٻڌن ٿا ۽ چئن پئسن جي ڪري پنهنجن منصبي فرضن کي وساري ضمير جو سودو به نهايت سستي اگهه ۾ ڪن ٿا. ماڻهن جي اڪثريت کي عزت نه ٿي گهرجي، چار پئسا سندن ايمان بڻجي چڪا آهن. اهي زنده هوندي به مئلن واري زندگي گذارين ٿا ۽ مرڻ کانپوءِ ائين ميسارجي وڃن ٿا ڄڻ اهي ڪڏهن ڌرتي تي هيا ئي ڪو نه، پر جن ماڻهن سچائي، اصولن ۽ ميرٽ کي پنهنجو ايمان بڻايو اهي زنده رهڻ دؤران به عزت ۽ دعائون ڪمائن ٿا ۽ مرڻ کانپوءِ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهن ٿا. اها بنهه سادي ڳالهه آهي پر شايد انهن ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي نه ٿي سگهي جن جو ضمير مري چـُـڪو آهي. پئسن جي عيوض ڏوهارين کي سزا کان بچائڻ ۽ مظلومن کي انصاف مهيا نه ڪرڻ بلڪل ائين آهي جيئن مئل ۽ مردار جانور جو گوشت کائڻ، سمجهه ۾ نٿو اچي ته پڙهيل، لکيل، اعليٰ تعليم يافته زماني ۾ اُٿيل ويٺل ۽ انصاف جي ڪـُـرسي تي ويٺل ماڻهو پنهنجن ٻچن سميت مئل ۽ مردار جانور جو گوشت ڪيئن ٿا کائن!؟ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن متعلق سروي ۾ عدليه ٽئين نمبر تي هئي، اها ڳالهه عدليه توڙي عدليه جي آزادي ۾ يقين رکندڙ سڀني ماڻهن لاءِ تمام وڏو چئلينج آهي. هن ملڪ جي باضمير ۽ باشعور ماڻهن لاءِ عدليه جي آزادي هڪ خوبصورت خواب هو. هينئر ڪنهن حد تائين آزادي ملي به آهي پر مڪمل طور آزادي تڏهن ملندي جڏهن عدليه ڪرپشن ۽ سفارش ڪلچر کان بلڪل پاڪ ٿي ويندي. آزاديءَ جو مطلب اهو آهي ته ڪو به ڏوهاري پئسي ۽ سفارش جي زور تي عدالتن مان ڪا رعايت حاصل نه ڪري سگهي ۽ ڪو به مظلوم انصاف کان وانجهيل نه رهي. منصف جي ڪرسين تي ويٺل شخص ڏوهارين لاءِ ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندڙ تيز ترار هـُـجن ۽ مظلومن لاءِ رحمت جا ڪڪر بڻيل هـُـجن، تڏهن مڃبو ته عدليه آزاد آهي. ڏوهن جي خاتمي ۽ ناانصافين جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته عدليه پنهنجو ڀرپور، ايمانداراڻو ۽ انصاف ڀريو ڪردار ادا ڪري. سڀ جو سڀ معاملا ميرٽ ۽ انصاف جي گهرجن مطابق اُڪلايا وڃن، ڪو به ڏوهاري عدالتن مان ڪا به رعايت حاصل ڪري نه سگهي. ملڪ جي هر ماڻهوءَ کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته قانون ۽ انصاف ساڻن گڏ آهي ۽ ڪو به ظالم، جابر ۽ رهزن سندس حق توڙي آزادي ڦري نه ٿو سگهي. هن ملڪ ۽ سماج کي بچائڻ لاءِ عدليه آخري اُميد ۽ سهارو آهي، عدليه جي حقيقي آزادي ۽ ڪرپشن کان پاڪ ڪردار اسان جو سڀني جو خوبصورت خواب آهي ۽ اسان کي انتظار آهي اُن صبح جو جڏهن عدليه واقعي آزاد هوندي ۽ اُن جا سڀ فيصلا قانون، انصاف، اصول ۽ ايمانداريءَ جون گهرجون پوريون ڪندڙ هوندا. murtazasiyal@yahoo.com |