|
هڪ ڪالم ميان افتخار جي نانءُ
’اسپينا اين ايل ڪوريزن‘ (’اسپين اسان جي دلين‘ ۾)، مان ميان افتخار حسين لاءِ پبلونرودا جو اهو نظم پڙهان ٿو. سوڳ ورتل پيءُ– جنهن جو پوئين عمر ۾ جوان سال ۽ سو به اڪيلو، سڪيلڌو پٽ بيگناهه، بيگاهه ويلي ماريو ويو هجي– هيءُ نظم پڙهان ٿو. مان، سنڌ مان هن لاءِ هيءُ ڪالم ڀيٽا طور ڏيان ٿو. مون پنهنجي روح ۾ ميخ لهندي محسوس ڪئي جڏهن انتهاپسند دهشتگردن خلاف انتهائي چٽو ۽ جرئتمند موقف رکڻ جي سزا ۾ ميان افتخار جي پٽ جي شهادت واري خبر ٻڌي ۽ ٽيجهي دوران سندس گهر کان ڪجهه ميٽرن تي خودڪش بمبار حملو جنهن ۾ ٻن معصوم ٻارڙين سميت 8- ماڻهو مارجي ويا. اهو حملو ان وقت ٿيو جڏهن سوڳوار افتخار حسين فاتحه وصول ڪري رهيو هو ۽ ان وقت هن جي گهر ۾ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير امير حيدر هوتيءَ جي گهرواري ۽ ماءُ موجود هيون. مون کي معلوم نه آهي ته درد جي انهيءَ پهاڙ تان گذرندي ميان افتخار حسين پنهنجي پاڻ کان ڪهڙا existential سوال پڇيا هوندا؟ هن جو پٽ ڇو ماريو ويو؟ هو ۽ هن جو نسل ڪهڙي جنگ وڙهي رهيو آهي، ڪنهن جي لاءِ وڙهي رهيو آهي؟ اها گولي ميان راشد جي بجاءِ هن (ميان افتخار) کي ڇو نه لڳي؟ ٻين جي خون ۽ پنهنجي پيارن جي خون ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ڇا اسين واقعي سروائيول جي جنگ وڙهي رهيا آهيون؟ ۽ ڇا هن پاڻ کان اهو به پڇيو هوندو ته هن عميق درد ڀري گهڙيءَ ۾ هن جي اڪيلاين جو هاڻي ساٿي ڪير ٿيندو؟ ڇا هن پاڻ کان اهو به پڇيو هوندو ته اهي ڪير هئا جن سرد جنگ دوران اسان جي ڌرتيءَ تي پشتو ٽپو جي جاءِ تي هٿيار ڏنا؟ جهاد لاءِ هٿيار ۽ ڊالر ڪنهن فراهم ڪيا هئا. جنرل ضياءَ ۽ سندس جنرل ڪنهن جي جنگ وڙهيا. ۽ جڏهن نائين اليون کان پوءِ رورس گيئر لڳي ته اسان ان ۾ ڇو ڪاهي پياسين– پر ان سڀ ڪجهه جي قيمت منهنجي پٽ ڇو ادا ڪئي؟ مون ڇو ادا ڪئي؟ Tomorrow, today, in your steps a silence, an astonishment of hopes like a major air: a light, a moon, a worn- out moon, a moon from hand to hand, from bell to bell! گهاوَن ڀريل گهڙين ۾ مون واقعي به ميان افتخار حسين جي جرئت ۽ ڏک تي سوچيو، محسوس ڪيو. تحريڪ طالبان پاڪستان اهڙي ذميوار قبوليندي عوامي نيشنل پارٽيءَ جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي ٽارگيٽ بنائڻ جي نئين ڌمڪي ڏني آهي. عوامي نيشنل پارٽي خيبر پختونخواهه کي طالبان يا انتهاپسندن حوالي ڪرڻ نه ٿي چاهي ۽ ان لاءِ هو پنهنجي جان تي کيڏي رهيا آهن. پر شريف ڀائرن جو رويو ان حوالي کان دشمنن سان سمهڻ برابر آهي. داتا درٻار واري سانحي باوجود هو انتهاپسند قوتن جي مذمت ۽ يا انهن خلاف ويڙهه جي ڳالهه ايئن نه ٿا ڪن جيئن عوامي نيشنل پارٽي، خيبر پختونخواهه ۾ ڪري رهي آهي. …. dry and bloody planets of heroes! who? by roads who, who, who? in shadows in blood, who? in a flash, who, who? Ashes Fall, fall…. iron and stone and death and weeping and flames…. هاڻ خيبرپختونخواهه ايئن بڻيل آهي: ميخ، پٿر ۽ موت ۽ روئڻ ۽ شعلا... مان هن ڪالم سان گڏ نرودا جو اهو نظم موڪلڻ چاهيان ٿو. ڇا هن اهي سوال سندي جوان سال، اڪيلي ۽ سڪيلڌي پٽ جي شهادت کان پوءِ پاڻ کان پڇيا آهن؟ Who, who, mother, who, where? Furrowed mother land, I swear that in your ashes You will be born like a flower of eternal water…. ڇا هن پاڻ سان اهو سوڳنڌ کاڌو آهي جيئن اسپين لاءِ لکيل نظم ۾ نرودا کاڌو هو: ”مون کي سوڳنڌ ته منهنجي ڌرتي تون رک مان ايئن اڀرندينءَ جيئن آب زم زم مان گل اڀرندو آهي.“ سنڌ جي سياسي حلقن کي ميان افتخار حسين سان ڏک شيئر ڪرڻ گهربو هو، بلوچستان ۾ بارشن سبب جيڪا تباهي آئي، ان تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهربو هو. پر جڏهن بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪيترن ضلعن ۾ بارشن سبب تباهيءَ جون خبرون ميڊيا تي هُيون تڏهن اسان مان ڪو به اهڙو آواز نه اڀريو جيڪو ان تي يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ها. ويندي ڏکڻ وزيرستان جي آپريشن ڀيري اسان اتان بي گهر ٿيندڙن کي ”لوڌ“ چئي تذليل ڪري رهيا هاسين جڏهن سڄي دنيا پاران انهن جي لاءِ فنڊ موڪلجي رهيا هئا. (اسان سان توازن جو مسئلو آهي يا اسان پنهنجي حالتن جي جبر هيٺ ايترو مجبور آهيون جو اسان کي پنهنجي پاڙيسرين سان سلوڪ ڪيئن ڪرڻ گهرجي اهو به وساري ويٺا آهيون). عوامي نيشنل پارٽي موت جي منهن ۾ آهي. Do or die واري صورتحال ۾ آهي، ان وقت اسان جي انٽلجنس ايجنسيءَ تي طالبان جي مدد ڪرڻ ۽ انهن سان شامل هجڻ واريون خبرون وڏي انڪشاف سان پرڏيهي ميڊيا ۾ اچي رهيون آهن. ڇا هيترن ميان افتخارن جي قرباني ۽ اندرن جا وَڍ اجايا ويندا؟ آخر اسان هڪ اهڙي رياست اندر جي رهيا آهيون جنهن رياست اندر هڪ ٻي رياست آهي. حڪومت پيپلز پارٽي يا عوامي نيشنل پارٽيءَ جي آهي پر هڪ ٻي ’شيڊو حڪومت‘ آهي جيڪا پڻ ڪم ڪري رهي آهي. عوامي نيشنل پارٽي خيبر پختونخواهه ۾ بنڪرز ۾ ويهي سياست نه ٿي ڪري پر پارلياماني سياست ڪرڻ لاءِ هنن کي تمام وڏي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هاڻ اها عوامي نيشنل پارٽيءَ لاءِ پختونخواهه ۾ حوصلن جي جنگ آهي. حوصلا هارائيندا ته هو زوال جي نذر ٿي ويندا ۽ دشمن هنن تي حاوي ٿي ويندو. پر اسلام آباد ۾ جيڪي ويٺا آهن اهي اي اين پي جهڙي جماعت کي اسٽيج تي اسپاٽ لائيٽ هيٺ ڏئي پاڻ بيرحميءَ سان لڪي ويٺا آهن ۽ جيڪو به ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اهو بي دليءَ سان ڪري رهيا آهن. ’لا سنگيري تياني ڊيڊوس واءِ ايبري توينلس/ ديباجو ڊي لا ٽائيريا‘ (۽ رت کي به آڱريون هجن ٿيون جيڪي ڌرتيءَ هيٺان سرنگهه کوٽين ٿيون). عوامي نيشنل پارٽي خيبر پختونخواهه ۾ خون ڀريل آڱرين سان سرنگهون کولي/ کوٽي رهي آهي جڏهن ته اسلام آباد ۽ پنڊيءَ وارن جي هٿن تي ڪارا دستانا پهريل آهن. ڇا پبلونرودا هيءُ نظم ميان افتخار حسين لاءِ لکيو هو: And thus united, sternly central, I seek no shelter, in the hollows of weeping: I show the bee’s root: radiant bread for the son of man: in mystery blue prepares itself to look at wheat distant from the blood. انٽلجنس ادارن جي اندروني ويڙهه، سياستدانن جي مُنجهيل مؤقف، سويلين ۽ نان سويلين قيادت جي بي دلي سان جڙيل جنگي حڪمت عملي ۽ مذهبي جماعتن جي منافقت انهيءَ جنگ کي بي مقصد بڻائي رهيون آهن، جنهن جنگ ۾ ميان راشد حسين پنهنجي زندگي ۽ ميان افتخار حسين پنهنجو جوان سال اڪيلو پٽ قربان ڪيو. اهي جيڪي ان جنگ ۾ بي دليءَ سان وڙهي رهيا آهن، اهي جيڪي صورتحال جو صحيح رُخ ٻڌائي نه رهيا آهن ۽ اهي جيڪي ان جنگ سبب پنهنجا مفاد– جن جون نظرون تيل تي آهن يا سينٽرل ايشيائي روٽ تي– اهي سڀ ميان راشد حسين جي قاتلن سان گڏ آهن. ميان افتخار حسين جي درد سان هو برابر ويساهه گهاتي ڪري رهيا آهن. احمد فراز هجي ها ته ميان افتخار حسين تي اهڙو نظم لکي ها جهڙو نرودا پنهنجي شاعر دوست البرٽ روجاز جمنيز تي لکيو هو. البرٽ روجاز جنهن جي اڪيلي مشهور هابي (وندر) ’ڪاغذن جا پکي‘ ٺاهڻ هوندو هو. خيبر پختونخواهه جي رت آلود ڌرتيءَ تي هاڻ ميان افتخار حسين به ڄڻ ته ڪاغذن جا پکي ٺاهي رهيو آهي. ڪنهن کي ڪَل ته ڪاغذن جا پکي ڇا جي علامت آهن؟ هڪ خوفناڪ ۽ سول وار جي قريب صورتحال اسان جي سامهون آهي. پورن 63 سالن ۾ اسان جيڪي ڪجهه مڪر، منافقت ۽ پنهنجي سستي مفاد لاءِ ڪيو اهو اسان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي. منافقت اسان جو ڪلچر ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کي اسان پنهنجو نيشنل اينٿم ڪري ڇڏيو. هاڻ ڪير اسان تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ پنهنجا ٻچا مارائي رهيا آهيون. پر ان باوجود اسان جي جنگ وڙهڻ واري صداقت تي شڪ ڪيو وڃي ٿو. اسان شڪ ۽ گمان جي پاڇولن ۾ رهون ٿا. اسان جي دنيا انتهائي ڀيانڪ ۽ منافقت سان ڀريل آهي. اها رت جي پُول ۾ بدلجي وئي آهي ۽ ميان افتخار حسين جهڙا ماڻهو پنهنجي جگر جي ٽڪرن تي روئي رهيا آهن. ۽ اهو ڪئپٽن ڪٿي آهي جيڪو انهيءَ جنگ جو فاتح بڻجڻو آهي؟ ’مينانا وينسريموس/ واءِ نوسٽرو ڪائپٽن اسيتارا ڪان نوستروس‘ (سڀاڻي اسان فاتح ٿينداسين/ ۽ اسان جو ڪپتان اسان سان ساڻ هوندو). imdadsoomro@gmail.com |