حُسن جون ادائون

ايوب کوسو


اها حقيقت ۽ ويساهه جوڳي ڳالهه آهي ته هر تخليقڪار فطرت جو دوست ٿئي ٿو ۽ فطرت جو هر رنگ حسن جي علامت آهي. حسن ڪائنات جو مڪمل سچ آهي، حسن زندگيءَ جو گيت آهي، حسن شاعري ۽ عشق جو خالق آهي، حسن دنيا جو پهريون ڌرم ۽ بين الاقوامي زبان آهي، جنهن کي اڻڄاڻ به سمجهي سگهي ٿو. حسن جي جادو، ادا ۽ ڪوملتا کان بي خبر ٻيو ته سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، پر انسان نٿو ٿي سگهي، اها ڪا ٻي مخلوق آهي. حسن جي تشريح لاءِ لکين حياتيون کپن. چوندا آهن ته حسن اکين ۾ هوندو آهي، پوءِ اهو اکين تي مدار آهي ته هو ڪهڙي نظر سان ٿيون ڏسن. حسن ڪائنات جي پيشانيءَ جو جهومر به آهي تلڪ به آهي. حسن ڪائنات جي ٻانهن جون چوڙيون به آهي ته تن تي پيل لباس به آهي. ستارن جو جهمرين وارو رقص، چانڊوڪي جي چادر ۾ ويڙهيل ساهه کڻندڙ ماحول رڳو حسن جي علامت ناهي، پر معصوم ٻار جو مرڪڻ به حسن آهي، رنل اکين جون آرسيون به حسن آهي، گل ٽڙڻ ۽ اُفق ۽ شفق تي رنگن جون ريکائون اڀرڻ به حسن آهي. موسمون به حسن کان وانجهيل ناهن. بارشن جا جهڙالا صبح سانجهين جون سون ورنيون سينڌون، پٿرن وچان پاڻي جا رستا، آبشارن جا ٽهڪ، صنوبرن جون قطارون، سمنڊ جون نيريون ڇوليون، سڀ ازلي حسن جو روپ آهن. افلاطون چيو آهي: "حسن نيڪيءَ جو نالو آهي." ول ڊيورانٽ جا لفظ آهن ته: "حسن زندگي جو وظيفو آهي ۽ محبت حسن جي ماءُ آهي." ۽ اهو به چيو اٿس ته" "بدصورتي اسان جي توانائيءَ کي گهٽائي ٿي." بهرحال، بدصورتي نه هجي ته انسان کي حسن جو احساس ٿئي به ڪيئن!؟ اها پنهنجي جاءِ تي اٽل حقيقت آهي ته حسن جو سحر پنهنجو اثر ڇڏي ٿو. حسن کي تشريحن جي ضرورت ناهي، اها پڻ مڃيل حقيقت آهي ته هر ماڻهو حسن کي پنهنجي نظر سان ڏسي ٿو. ڪو منظرن سان محبت ڪري ٿو، ڪنهن کي عورت جي وجود ۾ حسن ساهه کڻندي نظر اچي ٿو. ڪو موسمن کي حسين ڀانئي ٿو. سوچ پنهنجا پنهنجا رستا جنمي ٿي. فطرتي حسن سان واسيل هڪ سونهن ڀري رات کي خوبصورت ناول "سيتا هرن" ۾ قرت العين حيدر لکي ٿي ته: "رات گهري ٿيندي وئي، رات جيڪا چندن جي جهنگلن ۾ آواره هئي، لؤنگ ۽ الائچي جي ٻوٽن ۾ ستي پيئي هئي، رات ڪينڊي جي مندر جي چاڙهين تي وکريل گلن تي ليٽيل هئي، گنگا جي ڪناري درياءَ جي گاهه ۾ نانگ وانگي ريڙهيون پائي رهي هئي، رات ڊچ ۽ پرتگالي گرجائن وانگر خاموش هئي، رات جيڪا نديءَ جي تهه ۾ سخت پهاڙن تي پاسا بدلائي رهي هئي، رات ڪينڊي جي هاٿين وانگر مغرور هئي، رات هاٿين وانگي بنهه ڪاري هئي ۽ صفا سست هلندڙ هئي." يورپ جي الاهي ساري شاعري جو موضوع فطرتي حسن رهيو آهي. جپان جا  هيڪو (هائيڪو) به قدرتي حسن جي بنهه ويجهو نظر اچن ٿا ۽ فطرتي حسن پيش ڪن ٿا.

عورت جو حسن: عورت ڌرتي تي سڀ کان وڏو حسن تسليم ڪئي وڃي ٿي. عورت جو سڄو وجود، حسن جي زندهه هجڻ جو کليو ثبوت آهي. عورت جو سڄو وجود خود هڪ ڌرتي آهي، جيڪا پاڻ تخليقڪار به آهي. عورت متعلق گهڻو لکيو ويو آهي، ان ۾ ڪشمير وارو عجيب ۽ غريب دلچسپ انسان ڪوڪا پنڊت به آهي، جنهن ڪوڪ شاستر جهڙو دلچسپ ڪتاب لکيو: ٻيو به گهڻو ڪجهه مختلف انداز سان لکيو ويو آهي. ڪرشن چندر ڪيڏي نه شاندار ڳالهه ڪري ويو آهي ته:"فطرت انسان لاءِ وک وک تي عجب خلقي ڇڏيو آهي، ته جيئن هو ان ۾ ڦاسندو رهي، ان لاءِ ئي فطرت گان”، عورت ۽ هرڻين کي حسن ڏنو آهي. ان فريب لاءِ اهي سهاري طور ڪم آندا ويا آهن.حسن فنا ٿيڻو ئي ناهي، گل ڪومائجڻ کانپوءِ پنهنجو نئون جنم ۽ حسن نئين مکڙي ۾ ڏسي ٿو. هرڻ پنهنجي سونهن ٻچڙي ۾ ڏسي  ٿو ۽ پوڙهي ٿي ويل حسين عورت پنهنجو حسن پنهنجي حسين جوان ڌيءَ ۾ ڏسي ٿي. حسن فنا ٿيڻو ئي ناهي." عورت جو حسن محبتون پيدا ڪرڻ جو ذريعو ۽ رستو رهيو آهي. عورت جي  جسم جي خوبصورتي، سندس مرڪ ۽ چهري جي دلڪشي تائين حسن حسين رازن جي هڪ ڪهاڻي آهي. حسين عورت هميشه حساس دلين جي ڪمزوري رهي آهي ۽ ان حسن پرستي جو هڪ انوکو باب تحرير ڪيو آهي. عورت جي سونهن هميشه ڪائنات کي ۽ زندگي کي نئين اک سان ڏسڻ تي آماده ڪيو آهي. عورت جي لازوال حسن بادشاهن کي فقيري تائين به پهچايو آهي. اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته حسن عاشقيءَ جو روح آهي. هڪ زماني کان اسان مصر جي حسن جي هاڪ ٻڌندا پئي رهيا آهيون ۽ ان حسن دنيا کي پنهنجي وجود سان واسيو آهي. عورت جو حسن، هن کي مليل ڏات چئجي، ته به غلط نه ٿيندو. اڄ به عورت جي حسن پويان عاشقيءَ جا سلسلا هڪ مڃيل سچ جي علامت آهن. هڪ دؤر هو جو هندستان جي مشهور اداڪارا حسن جي ديوي مڌو بالا دنيا جي حسن پرستن جون ننڊون وڃائي ڇڏيون هيون. مڌو بالا جي رڳ رڳ ۾، انگ انگ ۾ حسن جرڪندو هو. هن جي مرڪ کان ادا تائين ۾ نئين رتن جهڙو نياپو سمايل هو. هوءَ هوا جو خواب لڳندي هئي، پروقت هن کي پنجٽيهن بهارن کان وڌيڪ مهلت نه ڏئي سگهيو. حسن جو هڪ باب بند ٿي ويو، شايد فطرت ان حسن جو سحر باقي رهائڻ ئي مناسب سمجهيو هو. بهرحال، مڌو بالا جو موت حسين حسن جي سوڳواري جو نه وسرندڙ درد آهي. وجنتي مالا جي حسن ناصر اتاترڪ کي موهيو. اهو به حسن جو هڪ نرالو داستان آهي، پر اهو لاحاصلات جي حدن جي ور چڙهي ويو، شايد حاصلات راز کي راز رهڻ نٿي ڏئي! اڄ جي زماني جي لاهين چاڙهين ان حسن کي نمائش طور پيش ڪرڻ جو عجيب ڌنڌو شروع ڪيو آهي ۽ هر سال عورتن جي حسن جو مقابلو ٿيندو آهي، جنهن ۾ سوين حسينن مان ڪا هڪ حسينا مڪمل حسن جي ديويءَ جو تاج مٿي تي رکي سگهندي آهي، جيڪا مختلف مرحلن مان گذري، پوءِ اعزاز لائق بڻجندي آهي. ان سلسلي ۾ ناول "هڪ گڏهه جي ڪٿا" ۾ ڪرشن چندر ڇا ته غضب جي ڳالهه ڪئي آهي ته: "حسن ڪنهن مصري ممي جو حنوط ٿيل لاش ناهي، هو ته هڪ زندهه، اڳتي وڌندڙ، بدلجندڙ زندگيءَ جو عمل آهي! اها ڪيڏي نه غليظ ۽ بدصورت ڳالهه هجي ها جو روميو  جيوليٽ جي دلربائي کي فيٿ سان ماپڻ شروع ڪري ڏي ها، جيڪڏهن پميرس هيلن جي حسن جو وزن ڪنهن مشين تي تورڻ شروع ڪري ڏي ها. سيتا جي زندهه ۽ لازوال خوبصورتيءَ جي ڀيٽ ڪنهن پٿر جي تراشيل ٽڪر سان ڪئي وڃي ها، اوهان اک ڏسو ٿا، اک جو شرم نه ٿا ڏسو، پر ان جي اندر لڪل ماءُ جي ممتا نه ٿا ڏسو. اهو سڀ ڪيڏو نه گهٽيا آهي." ڪرشن چندر جي اها ڳالهه حسن کي ان نظر سان ڏسندڙ ماڻهن لاءِ عجيب ٿڦڙ آهي! اها حقيقت آهي ته عورت جي حسن کي اڪثر جسماني ڪشش جي نظر سان سطحي طرح رکيو ۽ ڏٺو ويو آهي. وقت سان گڏ هينئن به ٿيو آهي جو ڪيترين عورتن حسن کي ڪاروبار ۽ پيشي لاءِ به غنيمت سمجهي استعمال ڪيو آهي. حسن بازارن ۾ اجهاميل سگريٽ جهڙيون حسين جوانيون ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿيون دنيا ۾  ٿيندڙ حسن جي مقابلن ۾ رڳو اهي حسينائون شامل ٿين ٿيون، جن وٽ حسن سان گڏ وسيلا ۽ ميڊيا جا ميدان شامل آهن ۽ انهن ۾ سماج جي مڙهيل قدرن ۽ ٺوس پابندين کي پري ڌڪڻ جي همت آهي، پر ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نه ڪندو ته اسان جي آس پاس بند گهرن ۽ درن جي دنيا ۾ اهي املهه ۽ لازوال موتي لڪا پيا آهن، جن کي جيڪڏهن هڪ نظر به ڏٺو وڃي ته زندگي جا عجب يا ته ڌوپجي وڃن يا رلي وڃن، ڇو  جو حسن سچ جو جلوو آهي، حسن بي چيو آهي، حسين عورت ڌرتيءَ جي ٻولي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي جو سماج ان کي هر دؤر ۾ صليب تي ٽنگيو آهي.