|
هڪڙي ڳالهه چوان وَٽَ کوٽا يا ساهميءَ ۾ رولو
اڄ چاهيان ٿو ته صرف ائين ڪريان جو مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن جون هيڊنگون لکان ۽ ان تي ٻه اکر تبصري جا. يقينن اندازو ٿي ويندو ته وٽ کوٽا آهن يا ساهميءَ ۾ رولو آهي. پاڪستان ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ انگريزي، اردو، سنڌي، پنجابي، گجراتي ۽ ٻين زبانن ۾ روزانه اخبارون نڪرن ٿيون. اخبارن جي حياتي صرف هڪ ڏينهن جي هوندي آهي، پر ائين چوڻ ۾ به شايد هٻڪ نه ٿئي ته هڪ ڏينهن نه پر ڪجهه ڪلاڪن جي ڇاڪاڻ ته اخبارن کي هڪ ڪلاڪ اندر پڙهي وري پراڻين اخبارن جي ڍير ۾ رکي ڇڏجي ٿو. اخبارون پنهنجو قومي ڪردار نهايت ڀرپور انداز ۾ ادا ڪري رهيون آهن. مختلف قومي مسئلن تي دل کولي باتصوير فيچر به هلائي رهيون آهن پر ٻڌڻ ۽ سمجهڻ، پڙهڻ کان پوءِ انهن تڪليفن کي دور ڪرڻ وارن صاحب لوڪ اختياري وارن جي ڪنن کي شايد ايلفي سان بند ڪيو ويو آهي جو اهي ايترين دانهن ۽ ڪوڪن کي ٻڌي نٿا سگهن. سنڌ ۾ هن وقت وڏو مسئلو ”سوئيز ڪئنال“ کي بند ڪرائڻ جو آهي. معاف ڪجو، تڪڙ ۾ سوئيز لکجي ويو نه ته ڳالهه چشمه جهلم لنڪ ڪئنال جي آهي. جنهن کي پنجاب جي اختياري وارن سوئيز ڪئنال سمجهي، بنا ڪنهن دير جي پنهنجي من ماني ظاهر ڪندي ان تي مالڪي جو حق ڏيکاري رهيا آهن. سوئيز ڪئنال جا مالڪ ته موجود آهن پر ڏک اهو آهي ته سنڌو ندي جا وارث رڙيون پيا ڪن ته اهو لنڪ ڪئنال بند ڪريو پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي. وزيراعظم کان وٺي وڏي وزير تائين سڀ جا سڀ ارسا جي هڪ 19 گريڊ جي هٺيلي ۽ متڪبر آفيسر جي اڳيان گوڏا کوڙي ڪري پيا آهن. اسيمبلين جا ٺهراءَ به بي اثر آهن. سي جي ڪئنال وهي پيو ۽ گهربل مقدار کان وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي. سنڌ جي قوم پرست تنظيمن طرفان هر روز هڙتالون مظاهرا ڪيا پيا وڃڻ. لکين عورتون، مرد، ٻارڙا، نوجوان، پيرسن انهن مظآهرن ۾ شريڪ ٿين ٿا. اخبارن جا صفحا ڪارا ٿيا پيا آهن پر ڪير به نوٽيس وٺڻ وارو نه آهي. هاڻي ڇا چئجي ته يا چشمه ڪئنال نه وهڻ وارو اعلان صحيح آهي يا موجوده وقت 1500 ڪيوسڪ پاڻي کڻي وهندڙ ڪئنال واريون تصويرون. جنهن به ڳالهه کي ڏسجي ٿو ته اتي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ سرڪار جو وس هلي ئي نٿو. پنجاب وارا پاڻي ڏنڊي جي زور تي مڙسان مڙسي ڪري ته پر ڌاڙيل ئي ڏاڍائي سان پيا هائين ۽ اسان جي سرڪار صرف اهو بيان ڏئي جان ٿي ڇڏائي ته شهباز شريف سان ڳالهايو اٿم. جيڪو چوي ٿو ته مون کي ته خبر ئي ڪانه آهي ته ڪو چشمه ڪئنال کي وهايو پيو وڃي. هاڻي سائين وڄايو تاڙيون. سنڌ سرڪار جي بي وسيءَ پنجاب سرڪار جي نڪ جي ڏاڍائي تي. اهو سلسلو ائين هلندو رهندو ۽ اخباري بيان ان کي روڪي نه سگهندا. ان حد تائين جو جڏهن ٽارگيٽ پورو ٿي ويندو ته پوءِ خيرات طور ڪجهه ڦڙا پاڻي جا سنڌ کي به نصيب ٿيندا. ڪيترائي سال اڳ شايد اهڙي نظاري جي اڳ ڪٿي ڪندي لکيو هئم، حق جي ڳالهه چوڻ ڏي مون کي تنهنجي دل ڀل پڄري کامي، هيڏين لهرن پاڻيءَ هوندي دريا مان پئي ڌوڙ اڏامي؟ ڪروڙين باشعور انسانن جي مادر ڀومي سنڌ جي سنڌو درياهه مان ڌوڙ پئي اڏامي؟ مظاهرا، ڌرڻا، احتجاج به انهن جي اڳيان ٺهن ٿا جيڪي رڙيون ٻڌي ”آيو ڙي آيو“ جا هوڪرا ڏيندا اچي مددگار ٿين پر جتي ڪير ٻڌڻ وارو نه هجي اتي مظآهرن جي بدران ڪو ٻيو قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جيڪا وقت جي تقاضا آهن: وقت کي زنجير پيرن ۾ وجهي شاهراهه عام تان گهلي هلو وقت هيڏو پيو ڪري سنڌ سان مذاق دوستو! وارو ڪريو! ڇا ٿا ڏسو!! اسان جي سنڌ حڪومت ”وفاق“ جي اڳيان ايترو ڪمزور ڪيس پيش ڪندي رهي آهي، جيئن اسان پنهنجو حق نه پر خيرات گهرندا هجون. اين ايف سي ايوارڊ تي ٿيل صحيح جي اڃا مس به نه سُڪي هئي ته وفاق ان ۾ ترميمون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ اڃا تائين انهيءَ راڳ جو رينگٽ شروع آهي ته اسان اين ايف سي ايوارڊ ذريعي تمام گهڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ايتري جو سنڌ اندر ترقياتي ڪمن جا درياهه نه پر سمنڊ وهي ويندا. سنڌ سرڪار جي ”وفاق“ دوستي تي ڪنهن کي به ڏک نه آهي پر وفاق کي به هڪ ننڍي صوبي جي ڪروڙين عوام جي جذبات سان کيڏڻ جي اجازت ته نٿي ڏئي سگهجي. واري واري سان سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻي وفاق اها دعوا ڪيئن ٿو ڪري سگهي ته سنڌ ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ کيس سندس حصو پورو ڏنو ويندو. نهايت تعجب ۾ وجهندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌ سڄي احتجاج بڻجي چڪي آهي پر حڪمران جماعت توڙي سندس اتحادي دوستن کي ان جي پرواهه به نه آهي. سنڌو ندي ۾ پاڻي هوندو ته ان جو فائدو رڳو قوم پرست جماعتن کي ته نه پهچندو. پيئڻ لاءِ پاڻي نه هوندو ته، مٺي، بدين، ٺٽي ضلعن جي پڇڙي وارا غريب آبادگار ۽ لکين انسان اڃ مرندا ته اهي شهري علائقن حيدرآباد، ڪراچي جا ماڻهو ڇا منرل واٽر تي زندگي بسر ڪندا. ڇا کين گهريلو استعمال لاءِ منرل واٽر جون ٽئنڪون گهرائڻيون پونديون. انتهائي بي حيائي واري صورتحال آهي نه قوم پرست تنظيمون سنڌ جي لاءِ مظاهرا ٿيون ڪن ته ان کي حڪومت جي خلاف سازش قرار ڏنو پيو وڃي. جن شخصن جو وٽيءَ تي نانءُ به نه هو، جن کي ڳوٺ ۾ به ڪير سڃاڻڻ وارو نه هو، اهي حڪومتي عهدن تي اچڻ بعد آپي کان ٻاهر نڪري هيتري وڏي قومي سانحي کي حڪومت خلاف سازش سمجهي رهيا آهن. هر حڪومت کي اهڙا ئي نادان دوست کڏ ۾ اڇلائيندا آهن. ان ڪري ان جو ارمان نه آهي هن وقت سنڌ جي سڀني قومپرست اڳواڻن کي گڏجي هن هڪڙي ئي مطالبي جي حق ۾ ڀرپرو تحريڪ هلائڻ کپي ۽ هن وقت به جيڪا صورتحال آهي، اها وفاق کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي ته ڇا تاريخ ۾ فال برلن، فال ڍاڪا کان پوءِ هڪ ٻيو ”فال“ ته نه ٿيندو!! اڀ ائين ڏسجي پيو ان جي لاءِ ڪنهن به دوربيني جي ضرورت نه آهي. اهڙي طرح ڪيترائي اهڙا ٻيا واقعا به آهن جن کي پڙهندي حيرت ٿئي ٿي. ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ هڪ نرس سان زيادتي واري انتهائي ڪريل ۽ بي حيائي واري حرڪت جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. ترت جوابدار به گرفتار ٿيو جيڪو جيل ۾ آهي. سڀني اختياري وارن نوٽيس ورتو، وزير متاثر ٿيل عورت سان ملڻ لاءِ به پهتا، فوٽو به نڪتا، ٽي وي تان تصويرون به آيون پر ڇا اهڙي ساڳي ڪوشش سنڌ اندر ٿيل بي حساب وارداتن لاءِ ٿي آهي؟ هڪ ٻه ڏينهن ته بيان ايندا، پوءِ خاموشي. ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هو. جوابدار بااثر هجڻ سبب اڄ تائين ڪير به گرفتار ان ڪري نه ٿا ٿي سگهن جو پوليس انهن جو وار ونگو به نٿي ڪري سگهي. جوهي، ميهڙ، گهوٽڪي، لاڙڪاڻي جهڙن شهرن جي نياڻين سان ٿيل ويڌن وارين وارداتن کي ائين وساري ڇڏجي. پوليس ٿي چوي ته جوابدار بااثر آهن. پوليس پنهنجي تي اچي ٿي ته هڪ انتهائي بااثر آفيسر جي ڀاءُ، خود اڳوڻي ڊي سي او کي قابو ڪندي ويرم نٿي ڪري پر اها پوليس ڪائنات توڙي جوهي واري نياڻي سان ٿيل قهري واردات جا سڃاتل جوابدار قابو ڪرڻ لاءِ ڳولا ۾ مصروف آهي. وٽ ڪوڙا يا ساهمي؟ فيصلو ڪرڻ اسان جو ڪم نه آهي. گرجدار بيان ۽ چمڪار وارا حڪم ڏيڻ نهايت آسان آهن پر غريبن ۽ بي واهن کي انصاف پلئه پوي اها برسات ڏسجي ئي نٿي. ريڊيو تان خبرون اينديون آهن ته ”گرج چمڪ ڪي ساٿ ڇينٽي پڙينگي“ هاڻي وزيرن، مشيرن جي بيانن ۾ گرج چمڪ ته موجود آهي پر انصاف جا ”ڇينٽا“ ڪڏهن پوندا. هتي اڄڪلهه هڪ سوال نهايت اهم آهي جيڪو هر ماڻهو هڪ ٻئي کان پڇندو رهي ٿو ته ڇا ائنٽي ڪرپشن وارن وٽ ٻين آفيسرن جي خلاف ڪيس نه آهن. جن جي انڪوائري لاءِ انهن حال حاضر توڙي رٽائر ڪامورن کي قابو ڪري ڪروڙن جي قومي دولت جنهن کي هو پنهنجي پيءُ جي ملڪيت سمجهي کائي ويا آهن، تن کان اها رقم واپس نٿي وٺي سگهجي. سالن جا سال گذري ويا پر ڪاغذ اڳتي رڙهي نه سگهيا آهن. خبر نه آهي ته وٽ ڪوڙا يا ساهمي ۾ رولو!! سنڌ سنگت ۾ مقرريون ٿيون. ڇاڪاڻ ته چونڊون ته ٿيون ئي ڪين!! هڪ طرف جا اميدوار ۽ هڪ طرف جا حمايتي. مخالفت ۾ ته ڪير هئو به ڪين!! جيڪي هئا تن کي زوري ڀڄايو وڃي!! ان ڪري جيڪي به انهن عهدن کي ”مقرر“ ٿيا تن جا بيان پڙهي ۽ سندن ڪارگذارين کي ڏسي اهو يقين ٿي ويو آهي ته اهي به شايد ٻوٽو ٻاري نه سگهندا. لڪير جا فقير ڪيترو وقت ٻين جي نقشِ قدم تي هلندا. کين پنهنجي راهه خود چونڊڻي پوندي. دل گهڻي ئي چاهي ٿي ته سڀ راز پڌرا ڪريان ته ڪيئن ادبي سنگت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر اهڙن پرديدارن جا نالا ظاهر ڪرڻا پوندا جن سڄي حياتي اونده ۾ گذاري آهي پر کين ڪٿي به سوجهرو نظر نٿو اچي. انشاءَ الله لکندس ۽ ضرور لکندس. ساڳي ڳالهه پاڻ تي ٿو آڻيان ته وٽ ڪار يا ساهمي ۾ ڦير. |