|
منجههين مينهن ڇڙواڳي طرف ويندڙ سماج ڪلال ٻي جولاءِ 2010ع تي فيصل آباد جي وارث پوري واري علائقي مان ٻن عيسائي ڀائرن کي پوليس گرفتار ڪيو هو. ڪجهه ڏينهن پوءِ سومر 19 جولاءِ تي پوليس کين فيصل آباد جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. ڪورٽ جي ٻاهران ڪن ”اڻ ڄاتل“ ماڻهن مٿن فائر ڪري کين ماري ڇڏيو. ان وچ ۾ پاڙي مان مسجد سڳوري مان ملزمن کي قتل ڪرڻ جون اپيلون به ٿينديون رهيون. ٻنهي ڀائرن تي الزام اهو هو ته انهن ڪو پمفليٽ لکيو هو جنهن ۾ رحمت اللعالمين نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن بابت گستاخي واري زبان لکي وئي هئي. ٻڌايو ويو هو ته اهي پمفليٽ فوٽو اسٽيٽ واري صورت ۾ هٿ آيا هئا ۽ انهن تي مقتول ملزمن جا نالا پڻ لکيل هئا. معاملو هيئن آهي ته ”ائنٽي بلاسفئمي“ ائڪٽ پڻ هن ملڪ کي ضيا جهڙي ماڻهوءَ جو ڏنل آهي. ڪو اکين جو سڄو به بخوبي اهو ڄاڻندو آهي ته ضيا جي هر عمل جو پهريون نقطو هو پنهنجي آپيشاهي کي ڊيگهه ڏيڻ ۽ پنهنجي توڙي پنهنجي حالي احوالي ماڻهن جي مفادن کي قائم دائم رکڻ. چوڻ جو مطلب اهو آهي. ضيا جي سڀني عملن ۾ اڪثر ڪري نيڪ نيتي جو عمل دخل خير ڪو هوندو هو. ضيا پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ جنهن ڳالهه کي پهرين اوليت ڏيندو هو، سا هيءَ ملڪ ۾ ڏهڪاءُ پکيڙڻ، نتيجي طور ڦاسيون، جلاوطنيون، ڪَوڙا، ملڪيت جي ضبطي، جيل، تشدد عام ونهوار رهيو هو ان دور ۾. جنهن معاملي جو هتي ذڪر ڪيو پيو وڃي، ان ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي نه فقط حيرت جوڳيون آهن پر ڪنهن به ماڻهوءَ انهن تي اعتبار ڪرڻ جو امڪان نه هئڻ جي برابر ٿي ٿو وڃي. مثال طور مذڪوره پمفليٽ جو ”فوٽو اسٽيٽ“ واري صورت ۾ هٿ لڳڻ ۽ ان تي ملزمن جا نالا به لکيل هئڻ. اسان جو هيءُ پيارو وطن جيڪو ساڳئي ضيا جي لوڀ ۽ احساس ڪمتريءَ جي ڪري کنيل اڪثر قدمن جي نتيجي ۾ هر پُرامن ماڻهوءَ جي زندگيءَ گذارڻ لاءِ ڏاڍو ڏکيو ۽ غير محفوظ ٿيندو وڃي. يعني ته هتي جو عام توڙي خاص ماڻهو، پوءِ اهو ڪهڙي به مسلڪ جو هجي، اهو نه ته اطمينان سان بي خوف و خطر خدا جي عبادت لاءِ مسجد ۾ وڃي سگهي ٿو. نه ڪنهن امام بارگاهه ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، نه ڪنهن درگاهه ۾ ڪنهن الله جي پياري ٻانهي جي حاضري ڀري سگهي ٿو نه ڪنهن مقام ۾ پنهنجن پيارن لاءِ فاتحه پڙهي سگهي ٿو، نه ڪنهن عام پبلڪ جاءِ تي سلامتيءَ جي خاطري سان تفريح لاءِ وڃي سگهي ٿو، نه ان جي زندگيءَ جي ضمانت آهي، تعليمي ادارن ۾ نه ئي تربيت گاهن ۾. جڏهن هي مسلمانن لاءِ ئي ملڪ جي ڌرتي ٽامون هجي، ان صورت ۾ ٿورائي جو ڪو ماڻهو، بلاسفئمي جهڙو موت جي سزا جهڙو اپراڌ ڪري ۽ وري پنهنجي ان ڏوهه کي سرعام ڪري يعني ته پنهنجو نالو به ڄاڻائي ڇڏي، سا ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي ٿلهي دماغ واري ماڻهوءَ جي عقل ۾ ڪانه ٿي اچي. اڃا به اهڙي ماڻهوءَ لاءِ جيڪو وڌيڪ هولناڪ خطرو هر وقت وک وک تي موجود رهي ٿو سو آهي اهڙي حالت ۾ ماڻهن کي ڀڙڪائي، ملزمن کي عدالت بجاءِ پاڻ نشانو بنائڻ واريون ڌريون، جيئن هن معاملي ۾ ٿيو آهي. ڪجهه مهينا اڳ اهڙو ئي واقعو گوجرا ۾ ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ به مسجدن مان ماڻهن کي ڀڙڪايو ويو هو ۽ نتيجي طور مڇريل ماڻهن عيسائين جي سڄي وسندي کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ اَٺَ ماڻهو جيئري سڙي ويا ۽ سڄي وسنديءَ جو الهه تلهه رک ٿي ويو. سوچڻو آهي ته فيصل آباد ۾ ڪورٽ جي ٻاهران ماريل اهي عيسائي پوليس ئي ڪورٽ ۾ پيش ڪيا هوندا، مطلب ته پوليس انهن ملزمن سان ساڻ هوندي. انهن پڪ مسجد مان ملزمن کي مارڻ واريون ڳالهيون پڻ ٻڌيون هونديون ته پوءِ پوليس وارن صاحبن ملزمن کي بچائڻ لاءِ ڇا ڪيو؟ اها ڳالهه ڪندي ڏاڍو خوف ٿو محسوس ٿئي، پر اها حقيقت آهي ته يا ته اسان جي ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ ڇڙواڳي جو راڄ پنهنجي هر مڪروهه ۽ هيبتناڪ اثرن سميت ڇائنجي ۽ قائم ٿي ويو آهي يا گهٽ ۾ گهٽ ملڪ انهيءَ برباديءَ واري حالت ۾ ڏاڍو تڪڙو تڪڙو وڌندو پيو وڃي. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته مسجد پاڪ مان اپيلون ڪري ماڻهن کي ڏينهن ڏٺي، انصاف جي گهر آڏو قتل ڪرايو وڃي ٿو. مسجد شريف مان ئي ماڻهن کي مڇرائي انسانن جي وسنديءَ کي باهه ڏياري ٿي وڃي پر ڪو به چوڻ آکڻ وارو آهي ئي ڪونه! زندگي ايتري سَستي، ايتري بي وقعت ٿي چڪي آهي! ڳالهه ايستائين دنگ ڪانه ٿي ڪري. اسان پنهنجي وطن ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي چئنل تان ڳالهائڻ وارن توڙي پروگرام جي ائنڪرز کان پڻ اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون آهن جهڙيون گوجرا ۽ وارث پورا جي عيسائين جي خلاف خدا پاڪ جي گهر مان ٻڌيون ويون. اڃا به ٻه وکون اڳتي. ان کي ڇا چئجي جو ملڪ جي انهن ادارن ۾ ويٺل هستين کان پڻ اهڙي قسم جي ڳالهه ٻڌي وڃي جن ادارن جو ڪم ئي آهي، انصاف ڏيڻ ۽ سو به خاص ڪري بي پهچ ماڻهن کي. سي جي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير، ته ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي. (لطيف) ائنٽي بلاس فئمي واري ڏس ۾ هڪ ڳالهه خاص طور تي مشاهدي ۾ آئي آهي. اُها اِها آهي ته اُن قانون جو ڏاڍو غلط ۽ بي رحميءَ سان استعمال ڪيو ويو آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ ڪاري ڪاريءَ واري جيڪا لعنت آهي، انهن ۾ ڪيترن ئي واقعن ۾ ايئن به ٿيو آهي جو ماڻهن پنهنجا ننڍا وڏا پلاند پاڙڻ لاءِ، ملڪيتون ڦٻائڻ لاءِ يا پاڻ کي ڪنهن غلط ڪاريءَ مان آجو ڪرائڻ لاءِ به قتل ڪيا آهن. تمام وڏي بي حيائيءَ جو اهڙو به واقعو ٿيو هو جنهن ۾ هڪڙي بدبخت شخص ٻن يا ڏيڍ جريب زمين لاءِ ڪري پنهنجي جنم ڏيڻ واري کي ڪاري ڪري ماريو هو. ايئن ئي ساڳي طرح اهڙا به عام مثال آهن جن ۾ ماڻهن پنهنجا وير پاڙڻ، پنهنجو ڪينو ڪڍڻ ۽ پنهنجي انا جي تسڪين لاءِ پنهنجي دل گهريي مفاد جي وري نه ٿي سگهڻ واري صورت ۾ هن خاتون جي اوٽ ورتي آهي ۽ وڏي بي حيائيءَ ۽ ڪٺورتا سان پاڪ رسول صلي الله عليه وآله وسلم قرآن مجيد، مسجد پاڪ ۽ پاڪ هستين، جاين کي نالو ورتو هوندو آهي. ان جا ڪيترائي مثال موجود آهن. ڪجهه سال ٿيندا جو شهر شهدادپور ۾ ڪجهه ماڻهن، جن جو روپ ۽ اوڇڻ ديندارن ۽ خدا کان خوف کائيندڙن جهڙو هو، تن شهر جي سڀ کان وڌيڪ مصروف چونڪ تي هاءِ گهوڙا شروع ڪئي ته ”فلاڻو“ قادياني ڪلام پاڪ جي ورقن کي (معاذ الله) باهه ڏئي، هتي اڇلائي، ڪار ۾ ڀڄي ويو. مئجسٽريٽ صاحب ڏاهپ کان ڪم وٺندي انهن کان پڇيو ته ان چونڪ تي عام پارڪ آهي، چانهه خانا آهن، شهر جي گهڻو ڪري سڀني وڪيلن جون آفيسون اتي آهن، ڪورٽون اتي آهن، مختيارڪار ۽ ايس ڊي ايم جون آفيسون اتي آهن، ٿاڻو ڀر ۾ آهي، پريس ڪلب پاسي ۾ آهي، هر وقت اتي گهٽ ۾ گهٽ سؤ کن ماڻهو هوندا ئي آهن، پوءِ اهڙي جاءِ تي اهڙو سر وڃائڻ وارو ڪم ان ملزم ڪيو ڇو؟ ۽ ٻيو اهو به ته اوهان کان سواءِ عام ماڻهن مان ٻيو ڪو شاهد ڇو ڪونهي؟ تڏهن ڳالهه سمجهه ۾ آئي. ان وچ ۾ ٻيا ماڻهو مڇرجي هٿيار کڻي ملزم جي گهر تائين رسي ويا، پر سڀني گهر ڀاتين ڀڄي سر بچايا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اها ڳالهه کلي ته ”ملزم“ کان ڪجهه چندو گهريو ويو هو، اهو همراهه ڏيڻ تي به راضي هو پر گُهر وارن کي ”دل گهريو“ چندو ڪونه ڏنائين، جنهن ڪري اهو ناٽڪ ڪيو ويو. سنڌ جي هڪڙي ٻئي شهر ۾ پڻ اهڙو ئي واقعو پيش آيو. ڪنهن ماڻهو تي الزام هو ته ان عيد ميلادِ نبي عليه السلام واري موقعي تي جيڪي دروازا ٺاهيا ويندا آهن، اهڙي هڪڙي دروازي تي ٺاهيل سرورِ ڪائنات عليه السلام جي مبارڪ روضي جي شبيهه جي بي حرمتي ڪئي هئي. ملزم کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو، پر ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيل اندر ئي مذڪوره شخص جو قتل ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ واقعي جو ڪارڻ پڻ ملزم سان الزام هڻڻ واري جا ڪجهه اختلاف هئا اقتصادي مفادن تي. هڪڙي ٻي ڳالهه به آهي جيڪا آهي مذهبي ڌرين جو اهڙن واقعن جي ڏس ۾ رويو. بهرحال اسين سڀئي مسلمان آهيون، ايمان وارا آهيون، مذهبي آهيون. هتي مذهبي لفظ لکڻ مان منهنجو اشارو انهن ماڻهن طرف آهي جيڪي فقط پاڻ کي ئي دين جو پيروڪار ۽ محافظ سمجهندا آهن ۽ هر ڳالهه ۾ ساڻن هم خيال ماڻهن کان سواءِ ٻين سمورن الله جي ٻانهن ۽ جدا مسلڪ وارن کي ڪافر ۽ واجب القتل سمجهندا آهن. پوءِ انهن ماڻهن لاءِ اختلافي خيال رکڻ وارن جي قتل کي ممڪن بنائڻ لاءِ هر ليڪو اورانگهي وڃڻ ۾ به ڪا شرمندگي ڪانهي ٿيندي. اڳي ته ايئن به ٿيندو رهيو آهي ته ڪنهن عدالت ۾ جيڪڏهن ڪنهن بدنصيب خلاف ائنٽي بلاس فئمي جو ڪيس هلندڙ هوندو هو ته ٻڌڻي واري ڏينهن شهر جي مختلف مدرسن جا شاگرد آڻي عدالت جي ٻاهران نعري بازي ڪئي ويندي هئي. سوچڻ اهو گهرجي ته اهو دٻاءُ ڇو ٿو پيدا ڪيو وڃي؟ اهڙي حالت ۾ انصاف جنهن جي اسلام سختي سان تاڪيد ڪئي آهي، اهو ڪيتري قدر ممڪن ٿو رهي؟ ان کان سواءِ ملزم، ان جي ڪٽنب وارن، ايتري قدر جو ڪن حالتن ۾ ته منصفن کي به ڌمڪيون ملنديون آهن، سي جدا ظاهر آهي ته ماڻهو ڪيڏو به هجي، هر ڪنهن جي نظرن ۾ خوف جو عنصر ته ٿورو گهڻو رهي ٿو. حضرت اميرالمؤمنين علي عليه السلام پنهنجي قاتل بابت پنهنجي فرزندن کي ڏنل هدايتن ۾ اهو پڻ چيو هو ته ”جيستائين هن جي قسمت جو فيصلو ٿئي، تيستائين خبردار! متان ڪو هن کي ڇڙٻي.“ (زنار! ازان قوم نه باشي ڪه فريبندي حق را بسجودِ و نبي عه را بدرودي. (خبردار! ان قوم مان نه ٿجانءِ، جنهن الله کي سجدي وسيلي ۽ نبي صه کي درود وسيلي دغا ڏني.) (رومي) سوچڻو آهي ته ڇا اهڙو ڪو به ملزم جنهن بدنصيب تي اهو الزام اچي وڃي، ان جي بچي وڃڻ جا ڪيترا سيڪڙو امڪان بچن ٿا؟ جيڪڏهن عدالت ۾ ان تي الزام ثابت نه ٿئي، انهيءَ صورت ۾ به ڇا ضيا جي ڀوت کان ان جو بچاءُ ڪيتري قدر ممڪن آهي؟ جيڪو موت کان پوءِ به بچي ويل پنهنجا خوفناڪ ڏند ڪڍيو هن ملڪ جي فضا ۾ هر لمحي لامارا ڏيندو ٿو رهي؟ ۽ ڌرتيءَ تي ان جو کاڄ پيدا ڪرڻ وارن جي کوٽ نه هجي. اسان جي دين توڙي عالمي سطح تي به انصاف جو فلسفو اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڏوهاري کي سزا نه اچي سگهي اها ڳالهه ايتري بري ناهي جيتري اها ڳالهه ته ڪنهن بي گناهه کي سزا اچي وڃي. بدقسمتيءَ سان اسان جي وطن ۾ هيستائين ته ايئن ٿيندو آيو آهي ته ان قانون جو اڪثر ڪري استعمال ماڻهن خودغرضيءَ سان پئي ڪيو آهي. ان ۾ ايڏو ته هولناڪ ماحول پيدا ٿيندو رهيو آهي جو ملزم سان انصاف ٿيڻ ۽ ان جي زندگيءَ جا امڪان محدود ٿي ويا آهن. اهڙي ماحول ۾ رياست ۽ ان جا ادارا بي وس ٿي ٿا وڃن. ان کان سواءِ ڏسبو ته ان قانون کي اهڙين ڌرين جي حمايت حاصل آهي جن کي عوام جي حمايت ته خير ڪي حاصل آهي، مثال طور جماعت اسلامي، جنهن ضيا سان اقتدار ۾ شريڪ ٿي اختيار جا خوب مزا ماڻيا. گذارش فقط اها آهي ته انهيءَ قانون تي ٻيهار سوچيو ويچاريو وڃي. |