|
حبيب جالب بلوچ جو قتل ۽ قومي حقن جي جنگ عبدالخالق جوڻيجو هڪ وڌيڪ ڪنڌ ڪريو، هڪ وڌيڪ ڪونڌر ڪُٺو ويو. هڪ وڌيڪ محبِ وطن ماري ويو، هڪ وڌيڪ قومپرست قتل ڪيو ويو. بلوچستان جي قومي حقن لاءِ ڏينهن رات جاکوڙيندڙ حبيب جالب بلوچ کي هميشه لاءِ ننڊ سمهاريو ويو. بلوچستان جي سرزمين تي ان جي هڪ وڌيڪ حلالي پٽ جو رت هاريو ويو. بلوچستان کي بندوق جي زور تي پاڪستان سان شامل ڪيو ويو 62 سال اڳ ۾. اهو ڏينهن اڄ جو ڏينهن، هن ڏکويل ڌرتيءَ سُک ناهي ڏٺو. سندس سيني تي لڳل گولين جا هڪڙا گهاوَ اڃا ڇٽندا ئي ناهن ته وري بمن جي برسات ٿيندي آهي. اڃا هڪڙن جوڌن جو وهايل رت سُڪندو ئي ناهي ته وري ٻين جا لاش ڪيرايا ويندا آهن ۽ اها ڪا رڳو لفظن جي ڪمائي يا اصطلاحن جو مجموعو نه پر عملي حقيقت آهي. ان جو ثبوت اهو آهي ته اڃا حبيب جالب جو تڏو ئي نه کنيو ويو آهي ته سندس ئي پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ هڪ ٻئي اڳواڻ لياقت بلوچ کي قتل ڪيو ويو آهي. حبيب جالب بلوچ جو تڏو رڳو سندس ڳوٺ ۾ ڪونه وڇايو ويو ۽ سوڳوار رڳو سندس پارٽيءَ وارا ناهن، پر پورو بلوچستان سندس سوڳ ۾ ٻڏل آهي ۽ رڳو بلوچستان نه پر سنڌ به سندس موت تي سوڳ ۾ آهي ۽ سنڌين جون به دليون ڏکويل ۽ روح زخمي آهن. اهو ان ڪري ته نه رڳو بلوچستان ۽ سنڌ جون ڌرتيون طبعي طور ڳنڍيل آهن پر سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو ذهني ۽ روحاني طور به هڪ ٻئي کي انتهائي قريب آهن، سنڌي ۽ بلوچ سماجي ۽ ثقافتي طور به اڻٽٽ رشتن ۾ جڙيل آهن. ان کان علاوه سنڌ ۽ بلوچستان جون قومي تحريڪون پڻ نظرياتي ۽ سياسي طور ويجهڙائي رکندڙ آهن. بلوچستان جي سياسي ۽ سماجي منظرنامي کي اڪثر ڪري سرداري نظام جي پسمنظر ۾ ڏٺو ويندو آهي ۽ بلوچن جا قومي دشمن بلوچ قومي تحريڪ جي اهو چئي مخالفت ڪندا آهن ته اها سردارن جي پنهنجي مراعتن ۽ مفادن کي بچائڻ جي تحريڪ آهي. پر انهن اوندهه جون عينڪون چڙهيلن کي بلوچ قومي تحريڪ جو هڪ نهايت روشن پاسو نظر ناهي ايندو. اهو آهي مڊل ڪلاس سياسي ورڪرن جو هڪ وڏو تعداد جيڪو قبائلي ۽ سرداري غلبي واري بلوچ سماج ۾ پنهنجي محنت، شعور ۽ اڻٿڪ جدوجهد ذريعي اڀري آيو آهي. ان باشعور، باهمٿ، وطن دوست ۽ عوام دوست سياسي ڪارڪنن جي جٿي جو هڪڙو اهم فرد حبيب جالب بلوچ هو. بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي پليٽ فارم کان پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ڪندڙ حبيب جالب بلوچستان نيشنل يوٿ موومينٽ ۽ بلوچستان نيشنل موومينٽ کان ٿيندو بلوچستان نيشنل پارٽيءَ تائين پهتو ۽ هينئر هو پي اين پي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هو جڏهن کيس قتل ڪيو ويو. جالب بلوچ اسان جو نظرياتي ساٿي ۽ سياسي همسفر هئڻ سان گڏ منهنجو ذاتي دوست به هو. سياسي ۽ نظرياتي ساٿ جيڪڏهن اٽڪل چئن ڏهاڪن تي محيط هو ته ذاتي تعلق به 11- 12 سال پراڻو هئو. 1970ع جي ڏهاڪي دوران جالب وارا بي ايس او جي پليٽ فارم تان ڪم ڪندا هئا ۽ سنڌ ۾ رهندڙ رندن، کوسن، لاشارين ۽ ٻين بلوچ نسل جي ماڻهن کي ميمبر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته اسان جو انهن سان دوستاڻو اختلاف هوندو هو ته اهي ماڻهو هڪ ڊگهي عمل جي نتيجي ۾ سنڌي بڻجي چڪا آهن. انهن کي رڳو نسل جي بنياد تي بلوچ قوم جو حصو قرار ڏيڻ درست ناهي. پوءِ وري ڪافي عرصي تائين منهنجو جالب سان سڌو رابطو ڪونه رهيو. البت ان عرصي دوران اسان جي ساٿي هاشم کوسي ۽ ڪجهه ٻين دوستن جون هن سان ڪجهه ملاقاتون ٿيون. منهنجو ساڻس سڌو رابطو وري 1998ع ۾ محڪوم قومن جي اتحاد پونم جي ٺهڻ کان پوءِ ٿيو. حبيب جالب جي جماعت بلوچستان نيشنل پارٽي به ان اتحاد ۾ شامل هئي ته منهنجي پارٽي جيئي سنڌ محاذ به پونم جي ميمبر هئي. ٻه روزهه اساسي اجلاس جي پهرئين ڏينهن جي خاتمي تي اتحاد جو چارٽر ٺاهڻ لاءِ جيڪا ڪميٽي مقرر ڪئي ويئي ان ۾ اسان ٻئي موجود هئاسين. ڪميٽيءَ ۾ بحث مباحثي دوران خيالن جي ويجهڙائي اسان جي آئنده جي ويجهن لاڳاپن جو بنياد بڻي. پونم چئن قومن، سنڌي، بلوچ، پشتون ۽ سرائيڪي جو اتحاد هو پر معروضي، سياسي ۽ سماجي حالتن جي ڪري سنڌين ۽ بلوچن جي نسبتن وڌيڪ ويجهڙائي هئي. بلوچ قوم جي پونم ۾ نمائندگي به پارٽيون ڪري رهيون هيون. هڪڙي بلوچستان نيشنل پارٽي ٻي بلوچستان نيشنل موومينٽ بي اين ايم جنهن جو اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحئي پاڻ هڪ مڊل ڪلاس جو سياسي ورڪر هو تنهن ڪري ڪافي عرصو اڳ کان ئي ان سان ويجهڙائپ هئي جڏهن ته بي اين پي جو سربراهه سردار عطاءُ الله مينگل هو. جيتوڻيڪ هو به مون تي ڪافي مهربان رهيو پر بهرحال اها ويجهڙائي ممڪن نه هئي جو حيثيت ۾، عمر ۾ ۽ جدوجهد ۾ ڪافي فرق هو. ان ڪري بي اين پي منجهان منهنجي ويجهڙائي شڪيل بلوچ ۽ حبيب جالب سان رهي. جالب سان اها ويجهڙائپ وقت گذرڻ سان دوستيءَ ۾ تبديل ٿيندي ويئي. ان جو سبب شايد ڪجهه هڪجهڙايون هيون، هو قومپرست هئو، هو مارڪسي سوچ رکندڙ هو ۽ هو وڪيل هو. هو ڪوئٽا ۾ رهندو هو ان ڪري به ملاقات جا موقعا وڌيڪ ملندا هئا. جڏهن به ڪنهن سياسي، ادبي يا سنگت جي مصروفيت سان ڪوئٽا وڃڻ ٿيندو هو ته اڪثر ساڻس ملاقات ٿيندي هئي، يا ته ڪنهن پروگرام ۾ يا سندس گهر تي مانيءَ جي ميز (جيڪا اصل ۾ زمين هوندي هئي) تي. اهڙي ئي هڪڙي ملاقات دوران جالب پراڻو وقت ياد ڏياريندي چيو ته ”اڳي اسان بلوچ بنيادن تي ڪم ڪندا هئاسين ته توهان اعتراض ڪندا هئا، هاڻي جي جماعت ۽ اسان جي سياست بلوچستان بنيادن تي آهي. هاڻي ته بس؟“ اهڙين ملاقاتن جي آخري ملاقات اٽڪل ڏيڍ سال کن اڳ ۾ ٿي جڏهن مان ڪوئٽا ويس. روايت موجب مون کيس فون ڪيو ۽ روايت کي برقرار رکندي هن منجهند جي مانيءَ تي سڏيو. مون سان گڏ هاشم کوسو، آفتاب رند ۽ دريا خان ڪاڪيپوٽو هئا. مون کيس پنهنجو ڪتاب The State of Pakistan in search of identity ڏنو ۽ پوءِ ڪافي دير تائين پاڪستاني رياست جي جوڙجڪ ۽ ان جي ڪردار بابت ۽ ان رياست ۾ سنڌين ۽ بلوچن جي حيثيت بابت گفتگو ٿيندي رهي. موڪلائڻ وقت دروازي تي سنڌي (۽ شايد بلوچ) روايت مطابق ٿيندڙ مِني ڪچهريءَ دوران جالب تمام اهم، وقتائتا ۽ ساڃاهه وارا لفظ چيا. چيائين، ”جنهن ڇِت هيٺان اسان ويٺا آهيون اها ڇت ڪِرڻ واري آهي، اسان کي اهو ڪجهه ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڇت جي ملبي هيٺان اچي مري نه وڃون.“ سنه 2006ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ورلڊ سوشل فورم منعقد ٿيو جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل وفدن کان علاوه سڄي پاڪستان مان روشن خيال، ترقي پسند، آزادي پسند ۽ محنت ڪش ماڻهن شرڪت ڪئي. اتي به اسان گڏ هئاسين. جيئي سنڌ محاذ جي جٿي ۾ مان به شامل هئس، جڏهن ته بلوچستان جي محبِ وطن ۽ ترقي پسند ماڻهن جي وڏي انگ ۾ حبيب جالب به موجود هئو. چئن ڏينهن جي ان ميڙ ۾ مختلف پروگرامن ۾ ۽ هلندي گهمندي جالب سان ملاقاتون ٿينديون هيون. هڪ ڏينهن دوستن سان گڏ چانهه پيئندي مون کانئس هڪڙو سوال ڪيو جنهن جو واسطو سندس سياست سان به هو ته سندس شخصيت سان به. مون چيو، ”تون هڪڙو مارڪسي نقطي نظر جو ماڻهو ’سردار‘ جي پارٽيءَ ۾ ڪيئن ويٺو آهين؟“ جالب فورن جواب ڏنو ته، ”ائين ئي جيئن تون هڪ قومپرست جماعت ۾ شامل آهين.“ جيئن اسان ڄاڻون ٿا ته پونم قومن جو اتحاد هو سو عوامي رابطي جي سلسلي ۾ هڪڙي قوم جا نمائندا ٻي قوم وٽ مهمان ٿي ويندا هئا. سرائيڪي وسيب جي دوري جو پروگرام عبدالمجيد ڪانجو صاحب جي پارٽي جي ميزبانيءَ ۾ ٺهيو ته به اتفاق سان بلوچستان کان حبيب جالب شريڪ ٿيو ۽ سنڌ طرفان آءٌ. اسان جي هم آهنگي ايتري هئي ته جڏهن رحيم يار خان ڊسٽرڪٽ بار ۾ تقرير لاءِ چيو ويو ته اڳ ۾ ڳالهائيندي مون بلڪل مختصر تقرير ڪئي ۽ چيو ته ”اسان سڀني جو موقف تفصيل سان حبيب جالب بلوچ پيش ڪندو.“ ۽ هن پوءِ بهترين نموني سان سڀني محڪوم قومن جي نمائندگي ڪئي. ٻئي ڏينهن ٿيندڙ عوامي جلسي ۾ مون پاڪستان جي رياستي جوڙجڪ ۽ قومي سوال تي تفصيل سان ڳالهايو. جڏهن جالب جي صدارتي تقرير جو وارو آيو ته هن اهو چوندي پنهنجي تقرير مختصر ڪئي ته ”خالق جوڻيجو اسان سڀني جو موقف بيان ڪري ويو آهي.“ ان دوري ۾ سنڌ مان مولانا عزيز الله ٻوهيو به هو. هاڻي سوال اهو آهي ته حبيب جالب کي ڇو قتل ڪيو ويو ۽ ڪير ان بزدلاڻي عمل جو ذميوار آهي. ڪنهن جا هٿ جالب بلوچ جي رت ۾ رڱيا آهن ۽ ڪنهن جي منهن کي هن جو خون داغدار بڻائي ويو.... ڇا اهو ئي هن جو سڀ کان وڏو قصور هو ته هو محبِ وطن هو ۽ قومپرست هو. هن کي حب الوطنيءَ جي سزا ڏني ويئي. عوام دوست هئڻ جي ناتي هن جو رت وهايو ويو. هن ملڪ جو دستور اهو آهي، هن رياست جو رواج اهو آهي. بقول فيض جي ”چلي هي رسم ڪي ڪوئي نه سر اُٺا ڪي چلي“. هن ملڪ ۾ هميشه محبِ وطنن کي ماريو ويندو آهي ۽ قوم دشمنن کي پاليو ويندو آهي. ارڏن انسانن کي رستي جي رڪاوٽ سمجهي هٽايو ويندو آهي ۽ ڪانئرن کي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهاريو ويندو آهي. پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي دولت جي حفاظت ڪندڙن کي ملڪ جي محافظن طرفان نشانو بڻايو ويو آهي ۽ وطن ۽ ان جي وسيلن جو وڪرو ڪندڙن کي رياست طرفان انعامن، اعزازن ۽ خطابن سان نوازيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 62 سالن کان اهائي ڪهاڻي دهرائي پئي وڃي. اڳ ۾ انگريزن جو اهو دستور هو، هاڻي پاڪستاني رياست جو اهو وهنوار آهي. پوءِ به الائي ڪيئن ماڻهو چون ٿا ته هوءَ غلامي هئي ۽ هيءَ آزادي آهي. الائي ڇو صبح شام واعظ ڪيو ٿو وڃي ته هو سامراجي حاڪم هئا ۽ هي عوام دوست حڪمران آهن. اهڙي رياستي رويي جو هڪ اهم ۽ نمايان مثال نواب اڪبر بگٽيءَ جو قتل آهي. هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو هن استحصالي رياست ۽ ان جي مريض حڪمرانن جو ساٿ ڏنو. موٽ ۾ کيس مرڪزي وزير، گورنر ۽ وزيراعليٰ جي مسندن تي ويهاريو ويو پر جڏهن هن پنهنجي ڌرتي، پنهنجي وسيلن ۽ پنهنجي بندرگاهه جي مالڪيءَ جو نعرو هنيو ته کيس ٻولائي قتل ڪيو ويو. سڀني کي خبر آهي ته جنرل مشرف چيو هو ته اڪبر بگٽي غدار هو ۽ ان کي اسان ماريو آهي. جڏهن اڪبر بگٽي ئي هُنن لاءِ غدار ۽ ناقابلِ برداشت آهي ته پوءِ جالب جهڙن جوانن کي اهي ڪيئن برداشت ڪندا، جيڪي اهو ’غداريءَ‘ جو ڪم ڄائي ڄم کان ڪندا ٿا اچن. سو بنيادي طور حبيب جالب بلوچ جي قتل جا ذميوار رياست جا طاقتور ادارا آهن، جڏهن ته اهو قوي امڪان آهي ته انهن مقامي دلالن کي به استعمال ڪيو ويو هُجي ’سون تي سيڻ مٽائڻ‘ لاءِ هر وقت تيار هوندا آهن، جيڪي ڪرسيءَ خاطر وطن وڪڻڻ لاءِ آتا هوندا آهن. ان ۾ هاڻي ڪو به شڪ نه رهيو آهي ته پاڪستان جي رياست کي قائم رکڻ جو هن وقت سڀ کان مکيه مقصد بلوچستان ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ آهي ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ آهي. تنهن ڪري جيڪو به پنهنجي وسيلن جي مالڪي ۽ سرزمين جي حفاظت جي ڳالهه ڪندو اهو رياست جو غدار قرار ڏنو ويندو. ۽ اها ڳالهه به ذهنن ۾ صاف ٿيڻ گهرجي ته هتي سڀ ڪجهه ڪرڻ واري رياست آهي ۽ رياستي ادارا آهن. ڪرسيءَ تي ويٺل ورديءَ ۾ هجي يا انگريزي سوٽ پاتل هجيس، سنڌي شلوار قميص پهريل هجيس يا بلوچي پٽڪو ٻڌل هجيس، پنجابي ڳالهائيندڙن جي پارٽي هجي يا سنڌي ڳالهائيندڙ جي جماعت هجي، اهي سڀ رياستي ادارن جي ڪيل فيصلن تي وفادار ملازم (Most obedient servant) وانگر عمل ڪندا رهندا آهن. جنرل ٽڪا خان بنگال ۾ رت جا درياهه وهائڻ وقت چيو هو ته ”اسان کي بنگال جا ماڻهو نه اسان کي بنگال جي ڌرتي گهرجي“. پوءِ دنيا ڏٺو ته بنگال جي بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ ساڳئي ٽڪا خان کي ترقي ڏيئي فوج جو سربراهه مقرر ڪيو ويو ۽ کيس ساڳيو ڪارنامو بلوچستان ۾ ڪرڻ جو مشن ڏنو ويو ۽ اها ته تازي تاريخ آهي ته پوءِ 1970ع واري ڏهاڪي دوران ڪيئن بلوچستان تي بمباريون ڪيون ويون. ڪيئن جبلن جي چوٽين کي رت سان ڳاڙهو ڪيو ويو. ڪيئن ڳوٺن جا ڳوٺ برباد ڪيا ويا ۽ ڪيئن لکين ماڻهو دربدر ۽ گهربدر ڪيا ويا، ڪيئن محب وطن اڳواڻن منجهان ڪن کي ماريو ويو ته ڪن کي جيلن ۾ واڙيو ويو. ۽ ماڻهن کي اهو به ياد آهي ته ان وقت ’سويلين اقتدار‘ جي ڪرسيءَ تي ڪير ويٺو هو ۽ بلوچن ۽ انهن جي همدردن کان اهي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيندڙ جملا به ڪونه وسريا آهن، جڏهن ان ’عوامي ليڊر‘ بلوچستان ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته ”ماڻهو چون ٿا ته بلوچستان ٻري رهيو آهي پر مون کي ته ڪٿان به دونهون نظر ڪونه ٿو اچي. مون کي ته ٿڌي هوا لڳي رهي آهي’ ۽ پوءِ بلوچستان ۾ ’ڪامياب ڪارروائي ڪرڻ جي انعام طور جنرل ٽڪا خان کي رٽائرمينٽ کان پوءِ ان ’عوامي پارٽيءَ‘ جو جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو. فوجي حڪمران جنرل پرويز مشرف چيو هو ته ”بلوچ قومپرستن کي اسان ايئن مارينداسين جو کين خبر به نه پوندي ته ڪٿان کين نشانو بڻايو ويو.“ ۽ پوءِ هن ايئن ڪري ڏيکاريو ۽ اهوئي سلسلو هن حڪومت ۾ به جاري آهي. پرويز مشرف به چوندو هو ته ”بلوچ پنهنجا مسئلا مون کي ٻڌائين، مان حل ڪندس“، هاڻوڪا حڪمران به ساڳيو ورد ورجائي رهيا آهن. بلوچستان تي بلوچن جي مالڪي ۽ حاڪميت کي 62 سالن دوران ڪنهن به حڪمران نه مڃيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي سڀ هن رياست جا ملازم هوندا آهن، اها رياست جيڪا پنهنجي جوڙجڪ ۽ ڪردار ۾ هڪ نوآبادياتي (Colonial) رياست آهي ۽ ڪالونيل رياست جو ڪم حق ڏيڻ نه پر حق کسڻ هوندو آهي. سو حبيب جالب جو قتل حقدارن ۽ حق کسيندڙن جي وچ ۾ ڊگهي جنگ جو حصو آهي ۽ تاريخ جا ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته ان قتل سان ظالم ۽ مظلوم، حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ هلندڙ اها ويڙهه ڍري نه پر اڃا تيز ٿيندي ۽ اها رڳو ظلم جي خاتمي سان ئي ختم ٿيندي. |