|
دريا دريا ديس آ سارو.... نبيله هاءِ! الائي ڪنهن جا ڏوهه! ڪنهن جا ڪهڙا ڪهڙا ڏوهه.... تن جي سينن منجهه وساڻا راک ڇڻي ٿي، سُڃ وسي ٿي، سينن اندر رات کُٽي ٿي، ڪوئي ڏينهن به ٿيڻو آهي؟ تن جو ماندو من سوچي ٿو هاڻي جن جو نالو ڪونهي، هُو بس ”ٻوڏ متاثر“ آهن، ٻيو بس ڪو به حوالو ڪونهي. هيل ٻٻر جي زرد گلن جيئن تن جون آسون ڦول نه ٿينديون، تن مان ڪنهن سوچيو هو، ڌرتي، ساري پاڻي پاڻي ٿيندي! قسمت هينئن به گوليون بڻبي هر ڪا ڇاتي ڇاڻي ٿيندي! تن جا خواب به کيتن وانگر، سيلابن جو پاڻي ٿيندا، ڌرتي جا دل وارا ماڻهو، اهڙيءَ ٻوڏ ڪهاڻي ٿيندا! آهه! تنين جا ڳوٺ نه واهڻ، وستيون هاڻي وستيون آهن! دريا دريا ديس آ سارو.... ڪيڏيون جندڙيون سستيون آهن. ڪلهه جي گلڙا ٽارين تي هئا موت انهن کي پن پن وانگر، ڇڻ ڇڻ ڇاڻي ڇا سوچي ٿو؟ جن جون قبرون گمنامي جي، ڪاريءَ چادر منجهه ڇُپي ويون! هاءِ! گلن جون قبرون جن تي، ڪو ڀي ڪتبو نالو ڪونهي.... هُو بس پنهنجي ڌرتيءَ ڄاوا، ننڍڙا ”ٻوڏ متاثر“ آهن!! |