|
سنڌ جو ورسٽائيل چترڪار: ع.ق.شيخ شرجيل ع.ق. شيخ سنڌ جي اُنهن چند فنڪارن مان هڪ آهي، جن چترڪاريءَ جي ڄاڻ ۽ ڪم لاءِ رستا هموار ڪيا. پاڪستان ٺهڻ کان ستت ئي 1952ع ۾ سنڌ جي پراڻي علمي درسگاهه ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ گورنمينٽ نارمل ڊرائينگ ٽيچرس ٽريننگ ڪورس شروع ڪيو ويو، جنهن انچارج جي حيثيت سان پنجويهن سالن تائين آرٽ ٽيچرس کي آرٽ جي تعليم ڏني. هن اداري ۾ سائين ع.ق. شيخ واحد استاد هو. جيڪو ايترو عرصو رهيو- جڏهن ته هن اداري ۾ هيٺيان استاد به ڪجهه وقت لاءِ رهيا، قاضي هدايت الله، روپاڻي زيدي، نور محمد پٺاڻ، محمد يعقوب سومرو، احمد علي کوکر، عبدالشڪور ۽ هڪ هڪ سال لاءِ ظفر ڪاظمي ۽ مان رهياسين. هن اداري جي پهريائين حيثيت جهڙوڪر وفاقي اداري جهڙي هئي. شروعات ۾ هتي بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب لاءِ ٻه ٻه سيٽون رکيل هيون. پوءِ اُهو سلسلو ڪجهه سالن تائين رهيو. 1943ع تائين صرف بلوچستان صوبي جا آرٽ ٽيچر تعليم وٺي سگهيا. اُن کان پوءِ اُهو سلسلو به بند ٿي ويو. شيخ صاحب سان منهنجو واسطو 1960ع کان شروع ٿيو. جڏهن مان Pre- Service شاگرد جي حيثيت سان داخلا ورتي- جيڪو سندس وفات قائم رهيو. مان جيڪڏهن ائين چوان ته مان فني ۽ ادبي لحاظ کان جيڪو ڪجهه به آهيان، اُهو سائين شيخ صاحب جي تربيت ۽ سڀاءَ جي ڪري آهيان ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. مان سمجهان ٿو ته اِهو ۽ اهڙو سڀاءُ ۽ تربيت هر اُن شاگرد کي ڏنائين، جيڪي تربيت وٺڻ آيا. سائين جا هونءَ ته ڪيترائي دل گهريا دوست هئا، مگر ساڳي فن سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙو به نالي وارو چترڪار سندس دوست هو، جيڪو سال ۾ ٻه چار چڪر ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين ضرور هڻندو هو ۽ رهندو اچي شيخ صاحب وٽ هو. اُهو هو مرحوم گل محمد کتري- مون کي انهن ٻن مهان چترڪارن جون کوڙ ساريون ڪچهريون اڄ به ياد آهن- جيئن ته مرحوم گل محمد کتري پراڻي طرز مصوري جو حامي هو. جڏهن ته شيخ صاحب روايتي مصوري کان وٺي جديد طرز جي مصوريءَ جو حامي پڻ هوندو هو. جنهن ۾ سائين جي مطالعي کي وڏو عمل دخل هوندو هو. پاڻ ٻئي ڪڏهن ڪڏهن اهڙي بحث ۾ ايترو ته وڃي پري پوندا هئا جو مان سمجهندو هئس ته اجهو ٿا ٽيبل تي پيل پيپر ويٽ کڻي هڪ ٻئي کي هڻن. گل محمد کتري چوندو هو ”تون ڄاڻين ڇا ٿو! ٻه ڪتاب پڙهيا اٿئي ته دماغ خراب ٿي ويو اٿئي“- وري شيخ صاحب چوندس ته ”تو هينئر تائين ڪيو ڇا آهي! اُهو ئي پراڻو فوٽو گرافڪ ڪم پيو ڪرين، جنهن کي مُئي ٻه صديون گذري ويون آهن“ مگر انهي ۽ اهڙن سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ جڏهن ٿڪا هئا ته گل محمد کتري پنهنجي قميص جي کيسي کي هٿ هڻي ماچيس ڪڍندو هو ۽ انتهائي نرم لهجي ۾ هٿ وڌائيندي چوندو هوس: ”شيخ ڪا مِٺي مِٺي ٻيڙي ته پيار“- سائين وري پنهنجي ميز جي خاني مان ٻيڙين جو بنڊل ڪڍي، اُنهن مان هڪ ٻيڙي چونڊي گل محمد کتري ڏانهن وڌائيندي چوندو هوس ”اصل انڊيا جي پتي جي ٻيڙي اٿئي- پيئندين ته سگريٽ وسري ويندئي.“ شيخ صاحب گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو- مان سمجهان ٿو، حيدرآباد ۾ جيستائين به سنڌي ادبي سنگت فعال رهي- سائين ضرور اُن گڏجاڻيءَ ۾ ويندو، بلڪ مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو- مون گهڻو ڪري لکڻ پڙهڻ اهڙين گڏجاڻين کانپوءِ شروع ڪيو- اڪثر سائين سان گڏجاڻيون يا ادبي محفلون مون واري هاسٽل جي ڪمري تي به ٿينديون هيون- جنهن ۾ پڙهيل شين تي زوردار قسم جي ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي هئي. هي ٻه چار اکر لکندي لکندي مون کي شيخ صاحب جي مارچ 1973ع تي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ جو هڪڙو واقعو ٿو ياد اچي، جنهن ۾ هڪ اهڙي ماڻهوءَ تي الزام هنيو ٿو وڃي، جنهن سڄي ڄمار فن ۽ ادب جي بي لوث خدمت ڪندي گذاري هجي. ٿيو ائين جو ڪنهن ماڻهوءَ اُن وقت جي پرنسيپال صاحب کي اچي چيو ته، شيخ صاحب پنهنجي سامان سان گڏ ڪجهه سرڪاري سامان به کڻايو پيو وڃي- پرنسيپال صاحب اُن وقت ئي اُن ماڻهوءَ سان گڏ اچي گاڏين ڀرسان بيٺو، جن تي سامان رکيل هو- شيخ صاحب سان سلام دعا کانپوءِ چيائين ته ٻڌو اٿم ته توهان ڪجهه سرڪاري سامان به کنيو پيا وڃو- سائين حيران ٿي اُن ماڻهوءَ کي ڏٺو جيڪو پرنسيپال صاحب سان گڏ بيٺو هو- شيخ صاحب چيو ته هي گاڏيون بيٺيون اٿو، ڀلي چيڪ ڪريو- اُن ماڻهوءَ سامان جاچڻ ۽ ڏسڻ شروع ڪري ڏنو- گاڏين مان ته سرڪاري ڪک به نه نڪتو سڀئي ڏاڍو مايوس ٿيا- بهرحال اُن وقت سائين شيخ صاحب جيڪو جملو انهن کي چيو سو هتي لکڻ جهڙو ڪونهي. البت انهن جو موڊ ضرور خراب ٿيو. |