|
’زندگيءَ جو سفر‘ رومي، شاھ ۽ اقبال جو فڪر احسان دانش ڪتاب ’زندگي جو سفر‘ جنهن شخصيت جو تحرير ٿيل آهي. ان شخصيت جو مان هڪ عرصي کان مداح رهيو آهيان. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سائين عبدالغفور ڀرڳڙي جي شخصيت هر لحاظ کان هڪ متاثر ڪندڙ شخصيت آهي. سندس شخصي ڏيل ڏسجي يا علمي قابليت ٻنهي حوالن سان هو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن تاريخ، تصوف ۽ سياست جي حوالي سان نه رڳو گھڻو ڪجھه پڙهيو آهي پر انهن موضوعن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي ڪجهھ لکيو به آهي. قائدِ اعظم محمد علي جناح جي شخصيت، فڪر ۽ ڪردار تي لکيل هڪ ضخيم ڪتاب ’ساٿ ڌڻي سرواڻ‘ ۽ تصوف جي رمزيت ۽ رومي شاھ ۽ اقبال جي فڪر جي پرچار جي حوالي سان سندس لکيل ڪتاب ”زندگيءَ جو سفر“ ان جو وڏو مثال آهن. هن مختصر تحرير ۾ آءٌ ڪتاب ’زندگيءَ جو سفر‘ جي حوالي سان ٻه چار ڳالهيون ڪندس. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ٽن اهڙن وڏن شاعرن کي گڏ ڪيو آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي زبان جا نهايت عظيم شاعر آهن. نه رڳو اهو پر وٽن فڪري هم آهنگي پڻ ملي ٿي. مونکي هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي جي مطالعي جو موقعو گھڻو وقت اڳ مليو هيو ۽ انهي وقت کان آءٌ سائين عبد الغفور ڀرڳڙي جي علمي لياقت جو معترف آهيان. جڏهن مون پهريون ڀيرو هي ڪتاب پڙهيو هو ته اهو خيال آيو هو ته آخر هن ڪتاب جو نالو ’زندگيءَ جو سفر‘ ڇو رکيو ويو آهي، جنهن جو ان وقت خاطر خواھ جواب سمجهھ ۾ نه آيو هو پر هاڻي ٻيهر مطالعي بعد ڀانئيم ته ڪتاب جو نالو بلڪل مناسب آهي ڇو ته هن ڪتاب ۾ نه رڳو رومي، شاھ ۽ اقبال جي زندگيءَ جي سفر جو ذڪر آهي پر ان ڳالهھ تي زور ڏنو ويو آهي ته انهن ٽنهي شاعرن ۽ مفڪرن کان رهنمائي حاصل ڪندي زندگي جي حقيقت کي سمجھي سگھجي ٿو ۽ اهڙي طرح زندگيءَ جو سفر آسان ٿي سگھي ٿو. 328 صفحن وارو هي ڪتاب خوبصورت چار رنگي ٽائيٽل سان سنواريل آهي، جنهن جي ٽائيٽل ۽ بئڪ ٽائيٽل تي اقبال ۽ رومي جا شعر ڏنل آهن. جڏهن ته ٽائيٽل يا بئڪ ٽائيٽل تي لطيف جي بيت جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. هي ڪتاب 13 جدا جدا عنوانن يا بابن تي مشتمل آهي. هر باب ۾ لاڳاپيل عنوان متعلق ڀرپور ڄاڻ ڏنل آهي. هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي جي ديباچي ۾ سائين عبد الغفور ڀرڳڙي هر وڏي ماڻهو وانگر علم جا ڀنڊار رکڻ باوجود پاڻ کي ناچيز ڄاڻايو آهي هو لکي ٿو: ”گھڻي ذهني ڪشمڪش ۽ تامل بعد تصوف جي اهم موضوع تي قلم کنيم. نه صوفي آهيان نه تصوف جي ڄاڻ بابت ڪا دعوى ڪري سگھان ٿو. نه صاحبِ علم و عمل آهيان نه ئي اديب يا اهل قلم. پر الله تو آهر چئي هن درياھ ۾ گھڙيس....“ پر حقيقت اها آهي ته هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ڪوبه علم ۽ عقل وارو ماڻهو ڀرڳڙي صاحب جي ان راءِ سان متفق نه ٿيندو. هن ڪتاب ۾ ترتيب، دور کي مدِ نظر رکندي ڏنل آهي. تنهن ڪري جتي به رومي، شاھ ۽ اقبال جو ذڪر آيو آهي اتي ان ترتيب کي ضرور نظر ۾ رکيو ويو آهي. انهي حوالي سان ڪتاب ۾ سڀ کان پهريان انهن ٽنهي عظيم شاعرن جي زندگي جو احوال ۽ سندن زندگي سان لاڳاپيل اهم شخصيتن توڙي واقعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سڀ کان اول مولانا رومي جي زندگي جو احوال لکيل آهي. جنهن ۾ سندس ڪردار ۽ زندگي جي الڳ الڳ دورن تي روشني وجھندي، سندس دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو نقشو چٽيو ويو آهي. هن باب ۾ صليبي جنگين، منگولن جي تباھ ڪاري ۽ بغداد جي تباهي جو پڻ ذڪر آهي جنهن بعد امام غزالي ۽ شمس تبريز جي حوالي سان خصوصي احوال آهي. هن ئي عنوان ۾ مولانا رومي ۽ شمس تبريز جي ويجھڙائپ توڙي وڇوڙي جو پڻ ذڪر ٿيل آهي. ڪتاب ’زندگيءَ جو سفر‘ جو ٻيو عنوان شاھ لطيف جي زندگي جي احوال تي مشتمل آهي جنهن ۾ نه فقط ڀٽائي جي ولادت، حسب نسب، تعليم ۽ شادي وغيره جو ذڪر آهي پر سندس دور تي پڻ گھڻ رخي روشني وڌل آهي. جنهن بعد ليکڪ شاھ جي رسالي جو مختصر تعارف ڪرائيندي ان ڳالھه تي ڌيان ڇڪايو آهي ته لطيف سان عقيدت رکندڙن ۾ هڪ طبقو اهڙو به آهي جيڪو شاھ جي ڪلام جي ضخامت وڌائڻ ۾ شاھ جي عظمت سمجھي ٿو جڏهن ته ان رجحان ڀٽائي جي ڪلام کي نقصان ڏنو آهي ۽ ان ۾ ڪيترو ئي ڌاريو ڪلام شامل ٿي ويو آهي. جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ جي گھڻي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون ڪوششون ساراھ جوڳيون آهن. جنهن شاھ جي ڪلام مان وڏي تحقيق بعد ڌارئي ڪلام کي ڌار ڪيو آهي. هن باب ۾ شاھ لطيف جي پنهنجي دور جي بزرگن خواجه محمد زمان، مخدوم محمد معين ٺٽوي، شاھ عنايت شهيد ۽ ميان صاحب ڏني فاروقي سان ڪيل ملاقاتن جو پڻ مختصر ذڪر ڪيل آهي. ڪتاب جي ٽين باب ۾ علامه اقبال جي زندگي جو مختصر احوال بيان ٿيل آهي. جنهن ۾ سندس پيدائش کان لاهور آمد ۽ يورپ ڏانهن روانگي يا سندس زندگيءَ تي يورپ جا اثرات وغيره جو خصوصي ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ اقبال جي شاعريءَ جي مختلف دورن تي ڳالهايو ويو آهي. جيئن قوميت ۽ وطن پرستيءَ وارو دور (جنهن جو گھڻو تڻو اثر سندس شعري مجموعي بانگِ درا ۾ ملي ٿو.)، شاعريءَ ۾ فلسفياڻي اثر وارو دور، (جنهن ۾ اقبال خودي جي فلسفي تي وڌيڪ زور ڏنو ۽ ان حوالي سان سندس ٻه شعري مجموعا اسرارِ خودي ۽ رموزِ بيخودي منظرِ عام تي آيا.) انهيءَ دور ۾ علامه اقبال جي شاعري قوميت جي محدود تصور کان اڳتي وڌي عالمي ڀائيچاري جو ڏس ڏئي ٿي ۽ سندس شاعريءَ ۾ مذهب جي حوالي سان نوان تصور اڀرن ٿا جو هو چوي ٿو ته: ان تازه خدائون مين بڙا سب سي وطن هي جو پيرهن هي اس ڪا وه مذهب کا ڪفن هي انهي دور ۾ اقبال هڪ نظرياتي شاعر طور اڀرندي نظر اچي ٿو. جڏهن سندس شاعريءَ تي اسلام جي نام نهاد مفتين ڪفر جون فتوائون ڏنيون تڏهن هن چئي ڏنو : زاهدِ تنگ نظر ني مجھي ڪافر جانا اور ڪافر يه سمجھتا هي مسلمان هون مين هن باب ۾ علامه اقبال جي سياسي ڪار گذارين توڙي سياسي ڪردار تي پڻ گفتگو ڪيل آهي ۽ وٽس عشقِ رسولﷺ جي تصور کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو چوٿون باب نهايت اهم آهي جنهن جو عنوان ئي آهي: ”رومي، شاھ ۽ اقبال جو لاڳاپو“ هن باب ۾ ڀرڳڙي صاحب ٽنهي عظيم شاعر جي فڪري ڳانڍاپي تي تمام جامع نموني لکيو آهي. هن باب جي ابتدا ۾ ليکڪ ان اهم سوال جو جواب پاڻ ئي ڏنو آهي ته ڀلا کيس انهن ٽنهي شاعرن تي ئي گڏ هڪڙو ڪتاب لکڻ جي ضرورت محسوس ڇو ٿي؟ ڀرڳڙي صاحب لکي ٿو: ”جيڪڏهن ڪو مونکان پڇي ته هنن ٽنهي شاعرن جو انتخاب ڪيئن ۽ ڇو ڪيو اٿم، جڏهن ته ٽنهي جو واسطو جدا جدا خِطن، جدا جدا دورن ۽ جدا جدا ٻولين سان آهي، ته جواب ۾ منهنجو عرض اهو ئي ٿيندو ته هنن ٽنهي عظيم شاعرن جي شاعري هڪڙي ئي رشتي سان منسلڪ آهي ۽ اهو آهي تصوف. جيڪو قلب ۽ نظر جي بيمارين لاءِ هڪ ترياق، انسان ذات ۽ ڪائنات جي مسئلن جو صحيح حل ۽ نفرت ۽ تعصب جي بيمارين جو واحد حل آهي. سندن شاعري قلب جي صفائي ڪري، نگاھ ۽ دل ۾ پاڪيزگي ۽ سوز پيدا ڪري ٿي. اها هن دنيا جي فلاح جو رستو ڏيکاري ٿي ته عقبى جي عافيت جو به. هنن جي شاعري زندگيءَ جي سفر ۾ رهنمائي ڪري ٿي.“ مولانا رومي چيو هو ته: هم دلي از هم زباني بهتر است (همدلي هم زباني کان بهتر آهي) هو زبان کان وڌيڪ اهميت دل کي ڏين ٿا. رومي جي زبان فارسي هئي، شاھ صاحب جي زبان سنڌي هئي ۽ علامه اقبال جي زبان پنجابي هئي، ٻوليون ته سندن مختلف هيون، پر دل جي ٻولي ساڳي هين. مولانا رومي شاھ ۽ اقبال ٻنهي جو پيش رو آهي ۽ سندس شاعريءَ جا فڪري اثرات ٻنهي شاعرن تي محسوس ٿين ٿا. مولانا رومي واحد شاعر آهي جنهن جو لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ نالو وٺي ذڪر ڪيو آهي. طالب ڪثر، سونهن سر، ايءَ روميءَ جي رهاڻ پهريان ئي وڃاءِ پاڻ، پسڻ پوءِ پرينءَ کي |