|
عمر قاضي جي خدمت ۾ سال کن اڳ ۾ جڏهن عمر قاضي جا ڪالم پڙهڻ شروع ڪيا هيم ته مون کي تمام گهڻو وڻيا. تڏهن کان آئون قاضي صاحب جا ڪالم پڙهندو پيو اچان، پر مهينو اڳ ۾ اسحاق سميجو تي ڪيل تنقيد وارو ڪالم ۽ گذريل آچر جي ڏينهن ”اي اديبو، شاعرو، دانشورو“ جي عنوان سان هن ئي پيج تي ڇپيل سندس آرٽيڪل پڙهي مون کي حيرت وٺي وئي آهي ۽ ذهن ۾ ڪيترائي سوال اڀرڻ لڳا آهن. گذريل آچر جي ڏينهن ادبي صفحي ۾ قاضي صاحب جو ڪالم پڙهي مون کي ته ائين لڳو ته هن اِهو ڪالم لکي ڪنهن تي ذاتي ۽ شخصي بنيادن تحت ڪاوڙ ڪڍي آهي. ٻين اديبن تي ڪاوڙ ڪندڙ هن ليکڪ کان آئون هتي صرف اِهو پڇڻ چاهيندس ته توهان خود ڪٿي رليف ڪئمپ قائم ڪئي آهي؟ ڪهڙن معصوم ٻارڙن ۾ ڪپڙا تقسيم ڪيا آهن؟ يا وري بک ۾ پاهه ٿيل متاثرن ۾ سيڌو ورهايو آهي؟؟ اگر اِهو ڪردار قاضي صاحب پاڻ به ادا نه ڪيو آهي ته پوءِ ٻين تي تنقيد ڪرڻ جو کيس ڪوبه حق نه آهي. ڇا هي پاڻ کي اديب نٿو سمجهي! جيڪڏهن هي پاڻ به اديب آهي ته پوءِ هو ٻين اديبن تي چٿرون ڪرڻ بدران ٿورو پنهنجي ڪردار جو به جائزو وٺي. تنقيد جو به هڪڙو منهن مهانڊو هوندو آهي ۽ هڪڙيون حدون مقرر هونديون آهن، پر اسان وٽ هن وقت 70 سيڪڙو تنقيدي لکڻيون رڳو هوا ۾ اجايا تير اڇلڻ جهڙيون آهن. منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ ادبي تنقيد سان جي ڪير نڀاءُ ڪري سگهيو آهي ته اهو صرف حليم بروهي ئي آهي، جنهن جي تنقيدي لکڻين ۾ هڪڙي معنيٰ رکيل آهي. حليم جو وڇوڙو سچ سنڌي ادب جو وڏو نقصان آهي. اڄ اسان جي اديبن ۾ برداشت ناهي، اگر جي ڪنهن تي تنقيد ٿئي ٿي ته ان جو ٻئي ڏينهن انتهائي ڪريل ٻولي سان جوابي ردعمل اچي ٿو. تنقيد ضرور ٿيڻ گهرجي، پر اُها تنقيد ذاتي دشمني تي ٻڌل نه هجي. تنقيد ذاتيات کان هٽيل ۽ دليلن واري هجي، هوا ۾ لٺيون هڻڻ واري نه هجي. اڄڪلهه جيڪا اسان وٽ تنقيد جي نالي ۾ جملن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي ٿي، ان کي ادبي دائري ۾ نه ٿو آڻي سگهجي. مان قاضي صاحب کي هڪ پڙهندڙ جي حيثيت سان اِهو ئي چوندس ته هو بي مقصد تنقيدي لکڻيون لکڻ بجاءِ شيخ اياز جي يادن تي ٻڌل لکڻيون ئي لکي. ڇو ته انهن لکڻين سان ئي هي بهتر نموني نڀاءُ ڪري سگهي ٿو. hanjharo@yahoo.com |