|
اديبن، شاعرن ۽ دانشورن تي اجايا الزام مٺل جسڪاڻي انهن مهربانن جي مهرباني، جن جون لکڻيون پڙهي، آئون غلط يا صحيح، پر اهو سمجهي سگهيس، ته هر ليکڪ اديب، شاعر يا دانشور نه ٿو ٿي سگهي. شايد ليکڪن کي سڱ ٿيندا آهن، جڏهن ته اديب، شاعر ۽ دانشور عام ماڻهو وانگر، بس ماڻهو هوندا آهن. آئون نه اديب، نه شاعر ۽ نه ئي دانشور آهيان، ان ڪري مون کي به انهن وانگر سوچڻ ۽ لکڻ نه پيو اچي، تنهن ڪري هتي هڪڙي هيءَ ڳالهه لکڻ به ضروري پيو سمجهان. مون سان، منهنجي هڪڙي واقفڪار، ٻين واقفڪارن جون ڳالهيون ڪندي، اسان ٻنهي جي هڪڙي گڏيل واقفڪار جو نالو کڻي چوڻ لڳو: ”ماڻهو چون ٿا فلاڻو ڏاڍو سکيو آهي. سئو کان مٿي ته مينهون اٿس.“ ڳالهائيندي مون کان پڇيائين، ”تو به سندس مينهون ڏٺيون هونديون، سڀ جون سڀ اگهاڙيون پيون هلن، سکيو هجي ها ته سندس مينهُن کي ڪپڙا ڪونه پاتل هجن ها؟!...“ سچ ته، ڪجهه ليکڪ حضرات اديبن، شاعرن ۽ دانشورن تي لکندي، اهڙا وائُکا ٿي پوندا آهن، جنهن سان نه رڳو سندن سڱ، پر تن بدن به پڌرو ٿي پوندو آهي. هيءَ ٻه اکر لکڻ مهل، جيڪڏهن منهنجون اکيون خراب نه آهن، ته مون کي منهنجي بدن تي ڪپڙا نظر اچن پيا، ۽ چاهڻ جي باوجود به، پنهنجي اوگهڙ نه پيو ڏسي سگهان. جڏهن ته ڪجهه ليکڪ حضرات، جڏهن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن تي لکندا آهن، ان وقت ته خبر نه آهي ڪهڙا نظر ايندا هوندا، پر جڏهن مون اهڙن ليکڪن کي هڪ ٻه ڀيرو پڙهيو، ته پڙهندي به مون کي سندن اوگهڙ، نه چاهڻ باوجود نظر اچڻ لڳي! ۽ هاڻي پڇتايان پيو، ته نه پڙهان ها، نه اوگهڙ ڏسان ها. جيڪڏهن ٻين جو ڪو خيال، ڪو موقف ٿي سگهي ٿو، ته اوهان جو، ۽ منهنجو به ٿي سگهي ٿو. ان نسبت سان، منهنجي خيال ۾ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن تي لکندڙن کان، پهرين اهو پڇي پڪ ڪجي، ته سندن نظر ۾ اديب، شاعر ۽ دانشور ڪير ڪير آهي، ۽ ڪير ڪير نه آهي؟ ڪو لطيف کانسواءِ ڪنهن کي به شاعر مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، ته ڪو وري لطيف کي به ڄاڻي واڻي وساري، اياز کانسواءِ اوندهه ٿو محسوس ڪري!؟... سچل، سامي، .... ڪنهن ڪنهن جو نالو کڻجي.... هاڻي جيڪڏهن سولي نموني سمجهه ۾ اچڻ واري نيت سان، بحث کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نالا کڻي ٿو لکان، ته ”لئي مان لٺ“ ڀڃڻ وارا جذباتي ٿي پوندا. بلڪه هو جذباتي اڳي ئي آهن، جذبات کان پوءِ وارو اڳيون عارضو خبر نه آهي ڇا ٿو چورائي، اهي ٿي پوندا ۽ چوندا، اهي ته اديب، شاعر ۽ دانشور آهن ئي نه!؟.... ان ڪري، توڙي پاڻ کي ظاهر ڪرڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ به، عرض ته، اڄ هڪڙي ليکڪ ڪجهه فضيلت سان ”ٻوڏ متاثرين جي سهائتا ۾ دانشور طبقي جو ڪردار“ سمجهائيندي لکيو آهي ته ”... اي سي واري ڪمري ۾ ويهي لکڻ بجاءِ پنهنجي ٻوڏ متاثر ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪريو...“ جيڪڏهن ايئر ڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي لکندڙ ئي دانشور آهن، ته مون وٽ لکڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿو بچي. ڪلهه، هڪڙي تڪڙي لکندڙ، ڪنهن جو نالو لکڻ کانسواءِ ڇا ڇا نه لکيو آهي؟! آئون ٻچن جي گُذر سفر ۾ پورو، اهڙو عام ماڻهو آهيان، جيڪو زندگي جي هر موڙ تي امتحان مان پيو گذران، ان ڪري آئون نه اديب، نه شاعر ۽ نه ئي دانشور آهيان، تنهن هوندي به، تڪڙ ۾ لکيل اها تحرير پڙهندي، مون کي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن تي اهڙو حملو محسوس ٿيڻ لڳو، جيڪو، جيتوڻيڪ مون تي نه هو، پوءِ به ڏاڍو ڏکيو لڳو. ۽ منهنجو ذهن ماضيءَ ۾ به جهاتي پائڻ لڳو. سال ياد نه پيو اچي، پر اها 1980 کان 1984 جي وچ واري عرصي جي ڳالهه آهي. ٽاڪ منجهند جو، تيز تپش واري ڏينهن، آئون تلڪ چاڙهي جي مٿاهين حصي تي، هڪ سوڙهي ڏاڪڻ تان چڙهي، هڪ اهڙي ڪمري ۾ داخل ٿيو هئس، جنهن ۾ ان وقت بجلي نه هجڻ ڪري، رستي ڏانهن کلندڙ هڪ دريءَ کليل هئي، جنهن مان ڪمري ۾ ايندڙ روشني ۽ ٿوري ٿڪي هوا جي آسري تي، ٻه شخص لک پڙهه جي ڪم ۾ مشغول هئا. انهن ٻن شخصيتن مان هڪڙو ڄڻو ”ڌرتي ڌڪاڻا“ (لساني جهيڙن ۾ تيار ٿيل مووي) ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي، ڏسندڙن ڏٺو هوندو، اهو شايد ان ئي روڳ ۾ هن فاني جهان مان ڪڏهوڪو لاڏاڻو ڪري ويو. ٻيو شخص، جيڪو هاڻ جهور پوڙهو آهي، ۽ جيئن مون اخبارن ۾ پڙهيو آهي، ته اهو جهونو جوڳي، ڪيترن ئي سالن کان رڳو اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت ڪري سگهندو آهي، جن ۾ کيس گهران کڻي وڃڻ ۽ واپس ڇڏي وڃڻ جي ڪو ذميواري کڻندو هو/ آهي. ان سلسلي ۾ مون اهو به پڙهيو آهي، ته اسان جا نام .... (نام نهاد لکان، نام ڪوٺيا لکان، ڇا لکان؟) ليکڪ، واعدو ڪري کيس وٺي ويندا ته رهيا آهن، پر ڪي ڪي، پروگرام جي پڄاڻي کان پوءِ، کيس گهر تائين پهچائڻ جي زحمت نه ڪندا رهيا آهن! اسان جي ان ليکڪ صاحب سميت گهڻن کي اها خبر ضرور آهي ته اهو جهونو درياهه ۾ گل، درياهه لاءِ دعائون، ڄامشوري کان سال جي ويندڙ سج کي الوداع يا نئين سج جي آڌرڀاءَ وارين تقريبن ۾ حصو وٺندو رهيو آهي، پر شايد انهن کي اها خبر نه آهي، ته اهو ٻاجهارو شخص، وٽس لنگهي ويندڙ هر ننڍي وڏي، عام ۽ خاص کي ”ايندي چونئي آءُ، ويندي چونئي ويهه“ وارو ”اکين ۾ ٿي ويهه...“ جيترو مانُ ڏيندو آهي. وٽس ”نه“ ائين عام نه آهي، جيئن .... هن کي، مون کان وڌيڪ ٻيا ليکڪ ۽ پڙهندڙ سُڃاڻن... سندس لاءِ آغا خان اسپتال ۾ علاج جي مُطالبن جو حوالو ڏئي لکندڙ، اسان جي ان مهربان تڪڙي ليکڪ کي اها شايد خبر نه آهي، ته ان مسڪين پاڻ ڪڏهن به، ڪنهن کان به، جيئڻ لاءِ، علاج ۾ مدد جي گهُر نه ڪئي آهي.... جنهن ٽاڪ منجهند ۾ لک پڙهه واري ڪم جو مون اشارو ڪيو، اهو ڪم تڪميل کي تڏهن ئي پهچي ويو، ڪتابي صورت ۾ به اچي ويو، مون ان قلمي نسخي جون ٻه ڪاپيون خريد ڪيون، هڪڙي ڪاپي آفيس ۽ ٻي ڪاپي گهر ۾، وقت ضرورت مدد ڪري ٿي. ان جي سهيڙپ ۾ مشغول، ان جهوني بڙ جي ڇانوَ ۾ ويهندڙن کي به شايد ئي خبر هجي، ته ان اديب، ڏاهي، دانشور مزدوري تي ڪم ڪيو هو، ان ڪري هو نه ليکڪ، نه مرتب، نه .... ان اهم قلمي نسخي ۾ سندس نالو نه آهي، نه آهي، نه آهي!؟ ڇاڪاڻ ته هن محنت مزدوري ڪئي هئي، جنهن جو اجورو کيس ڏنو ويو هو، ان ڪري کانئس ليکڪ، مرتب، سهيڙيندڙ ... واري حق تان دستبردار ڪيو ويو هو. اديب، شاعر، دانشور ڪاٺيون ڪري پيٽ پارڻ جهڙو نه هوندو، ته اهڙي ئي مزدوري ڪندو. جيڪو مزدوري ڪري پاڻ به پالي ۽ تڪڙي لکندڙن کي چانهيون، شربت، ڇا ڇا نه پياريندو رهيو، کارائيندو رهيو.... اسان وٽ سه ماهي، ٽه ماهي، موسم وار، ماهوار، پندرهن وار، هفتيوار ۽ روزاني اشاعت جو شوق پورو ڪندڙن، وڪرو وڌائڻ لاءِ امُلهه لکڻيون وٺي، ڇاپڻ ۾ ته پاڻ پئي ملهايو آهي، هميشه هڪ ٻئي کان اڳ پئي ڪڍيو آهي، پر ليکڪ کي ڇا پئي ڏنو آهي؟ جڏهن ته شيخ اياز جو ”ڍئو بنا ڍوليا...“، ”شاعري مان پيٽ نه ڀرجڻ“ جهڙي شاعري به پڙهيل ۽ سمجهيل هوندي آهي!؟ اسان وٽ ڪهڙو پبلشر ڪتاب ڇاپي، ڪنهن ڪنهن کي ۽ ڪيتري رائلٽي ڏئي ٿو؟ شيخ اياز جو ورد ڪندڙن سميت، مون جهڙن کوهه جي ڏيڏر ليکڪن کي به خبر آهي، ته شيخ اياز کي ڪيئن ۽ ڪيتري رائلٽي ملندي رهي!؟.... آئون به آهيان اهڙو ليکڪ، اديب، شاعر ۽ دانشور، جنهن کي به، ڏسڻ ۾ نه پيو اچي، پنهنجو ڪو عيب ــ ثواب، پر پوءِ به، ٻين سڀني مان، وڏون ڪڍندو آهيان! لکڻ لاءِ گهڻو ڪُجهه آهي، پر نه، آئون نه اديب، نه شاعر ۽ نه ئي دانشور آهيان. مون کي لکڻ ڪونه ٿو اچي. مون کي اگهاڙو ٿيڻ ڪونه ٿو اچي. مون کي اهڙو ڪو شوق به ڪونهي..... اديبن، شاعرن ۽ دانشورن تي ڇوهه ڇنڊيندي، پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن کي ليکڪ جو درجو ڏيندي، ته ڪنهن کي ليکڪ نه هجڻ جي دعوى ڪندڙن کي اهو ٻُڌائي سگهجي به ٿو الاءِ نه، ته اوهان جي تحرير سان نالو (ڪنهن جي تصوير) ته پڙهڻ لاءِ مليو، پر اوهان جي به نه ڪا اهڙي خبر لڳي آهي، نه فوٽو ڇپيو آهي، نه ڪٿان ڪا اهڙي شاهدي ملي آهي، ته ڪو اوهان ڪنهن ٻوڏ ستايل جي سهائتا لاءِ، ڪو ڪم، عمل، ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي!؟ هاءِ ڙي هيءَ چوڻي، هن ئي مهل ياد اچڻي هُئي ته ”مينهن پنهنجي ڪاراڻ ڏسي ڪانه، ٻئي لاءِ چوي هل ڙي پُڇ ڪاري“!؟ پڇاڙڪا اکر: مهربان پڙهندڙو، اڪثر اديب، شاعر، دانشور، (ليکڪ لڏو) پنهنجي ئي پيٽ ۾ جهليو پيو آهي، ان هوندي به، ٻوڏ ستايلن ۾ ورهائجندڙ امدادي سامان ۾ اکيون ڪونه هوندن. جنهن کان جيڪو پڳو هوندو، اهو ضرور هنن ڪيو هوندو، پر هنن جي نظر ۾، اخبارن ۾ پنهنجا فوٽو ۽ خبرون ڇپرائڻ کان وڌيڪ اهميت، هر اهنج ۽ ايذاءُ کي، ڏکن، سورن، مسئلن، مونجهارن جي حل، علاج ۽ ڇوٽڪاري لاءِ سُجهندڙ واٽ کي، قلمبند ڪري ڇپرائڻ وڌيڪ اهم هوندو آهي. اي سي ۾ ويهندڙن، رهندڙن کي عام جي اهنجن جي ڪهڙي خبر، اهي شوق ۾ پاڻ لکندا آهن ته پاڻ ڇپرائي مفت ۾ ورهائيندا به آهن، پوءِ به انهن کي پڙهندو ڪير به نه آهي. اهي جيڪڏهن ڪنهن جي مدد نه ٿا ڪن، ته ”سُڪن سان گڏ ساوا ساڙڻ“ جي ڪوشش به نه ڪرڻ گهرجي. |